Zoq e Ramzan Barqarar Rakhy

Book Name:Zoq e Ramzan Barqarar Rakhy

الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دُعا گُھريائون: يا الله پاڪ! هن پٿر کي جهنّم جي باھ کان محفوظ فرماءِ۔ الله پاڪ سندن دُعا قبول فرمائي ۽ يڪدم ئي وحي موڪلي ته اسان هن پٿر کي جهنّم جي باھ کان آزاد ڪري ڇڏيو۔ الله پاڪ جي نبي عَلَيۡهِ السَّلَام پٿر کي اها خوشخبري ٻُڌائي ۽ پوءِ اڳتي تشريف کڻي ويا، جڏهن واپس موٽيا ته ڏٺائون پٿر مان اڃا به پاڻي نڪري رهيو آهي، الله پاڪ جي نبي عَلَيۡهِ السَّلَام پڇيو: تو کي جهنّم کان آزادي جي خوشخبري مِلي چڪي آهي، هاڻي ڇا معاملو آهي؟ هاڻي ڇو روئي رهيا آهيو؟ پٿر عرض ڪيو: ذٰلِڪ ڪانَ بُڪَاءَ الْخَوْفِ وَ هٰذَا بُڪَاءُ الشُّڪْرِ يعني پهريان خوفِ خُدا سبب لڙڪ وهي رهيا هئا، هاڻي شڪراڻي طور لڙڪ وهائي رهيو آهيان.([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي فضل ۽ ڪرم سان اسان کي به رمضان ڪريم نصيب ٿيو، جيتوڻيڪ اسان مان ڪو به حتمي ۽ يقيني طور تي نٿو چئي سگھي ته منهنجي بخشش ٿي وئي آهي، البت اسان کي مغفرت جو تمام وڏو ذريعو نصيب ٿيو آهي * رمضان جي هر هر گھڙي برڪت ڀري آهي * رمضان المبارڪ ۾ روزانو افطار جي وقت 10 لک اهڙن گنهگارن جي بخشش ٿيندي آهي، جن تي جهنّم واجب ٿي چڪي هوندي آهي * ۽ جمعي جي ڏينهن ته هر هر گھڙي ۾ 10، 10 لک ماڻهن کي بخشيو ويندو آهي۔ ڪاش! اسان جو به ان بخشجي ويلن ۾ شُمار ٿئي۔

  خير! الله پاڪ اسان کي بخشش ۽ مغفرت جو اهڙو ذريعو عطا فرمايو، اسان تي لازم آهي ته زبان سان به ان جو شڪر ادا ڪريون ۽ گڏوگڏ عملي طور تي به شڪر جي ادائيگي جي لاءِ گُنَاهن کان بچون، رمضان هاڻي ڪجھ ڏينهن جو مهمان آهي، جلد ئي رخصت ٿي ويندو، اَصل رمضان جو شڪر هي آهي ته اسان رمضان کان بعد به ذوقِ رمضان برقرار رکون ۽ گُنَاهن کان بچي نيڪين ڀري زندگي گذاريون۔ الله پاڪ اسان کي توفيق عطا فرمائي۔

 اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖنَ  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم


 

 



[1]... رسالہ قشیریہ، کتاب الشکر، صفحہ:213۔