Book Name:Zoq e Ramzan Barqarar Rakhy
شَهْرُ رَمَضَانَ الَّذِیْۤ اُنْزِلَ فِیْهِ الْقُرْاٰنُ هُدًى لِّلنَّاسِ وَ بَیِّنٰتٍ مِّنَ الْهُدٰى وَ الْفُرْقَانِۚ- (پاره:2، سورۂ بقره:185)
ترجَمو ڪنز الايمان: رمضان جو مهينو آهي جنهن ۾ قرآن نازل ڪيو ويو جيڪو ماڻهن جي لاءِ هدايت ۽ رهنمائي آهي ۽ فيصلي جي روشن ڳالهين (تي مشتمل آهي)
عالم سڳورا فرمائن ٿا: هن آيت سڳوري ۾ رمضان المبارڪ جا روزا فرض هئڻ جي حڪمت کي بيان ڪيو ويو آهي، اها حڪمت هي آهي، رمضان اهو مهينو آهي، جنهن ۾ قرآنِ ڪريم نازِل ڪيو ويو۔ هاڻي الله پاڪ انهيء مبارڪ مهيني جا روزا فرض فرمايا آهن! ان ڪري روزا رکڻ، بُک اُڃ برداشت ڪرڻ جي برڪت سان عقل تيز ٿئي ٿو، لهٰذا نزولِ قرآن جي مهيني ۾ روزا فرض ڪيا ويا ته جيئن ماڻهو روزا رکن، ان جي سمجھڻ جي قُوَّت مضبوط ٿئي ۽ هن جي برڪت سان قرآن سمجھڻ آسان ٿي وڃي۔
پيارا اسلامي ڀائرو! خبر پئي رمضان المبارڪ جو هڪ وڏو مقصد قرآنِ ڪريم سان وابستگي اپنائڻ، قرآنِ مجيد کي پڙھڻ، هن کي سمجھڻ جي خوب ڪوشش ڪرڻ به آهي۔ ان ڪري جيڪڏهن اسان ذوقِ رمضان برقرار رکڻ چاهيون ٿا ته اسان تي لازم آهي ته اسان رمضان کان بعد به قرآنِ ڪريم کي پڙھون، هن کي سمجھون ۽ هن سان پنهنجو تعلق مضبوط رکون۔ جيڪڏهن اسان رمضان المبارڪ کان بعد به هن سان پنهنجو تعلق مضبوط رکڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين ته الله پاڪ جي فضل و ڪرم سان اُمِّيد آهي ته اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْڪرِيم! ذوقِ رمضان به برقرار رهندو، نيڪين جي توفيق به ملندي رهندي، دِل به روشن ٿيندي ۽ نفسِ اَمَّاره جي اِصلاح جو سامان به ٿيندو رهندو۔ الله پاڪ اسان سڀني کي عمل جي توفيق عطا فرمائي۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم۔
اي عاشقانِ رسول! دعوتِ اسلامي جي تحت ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪ ۾ هلڻ وارن جامعاتُ المدينه مان ڪنهن به قريبي جامعة المدينه ۾ داخِلو وٺو۔ هينئر