Zoq e Ramzan Barqarar Rakhy

Book Name:Zoq e Ramzan Barqarar Rakhy

کائيندو ته ان کي يعني مهمان کي سُٺو نه لڳندو۔ يا مهمان جيڪڏهن کاڌو نه کائي ته ميزبان کي اذيت ٿيندي ته نفلي روزو ٽـوڙڻ جي لاءِ هي عذر آهي پر شرط هي آهي ته يقين هجي جو ان جي قضا رکي سگهندو ۽ هي به شرط آهي ته ضحوهءِ ڪبرى کان پهريان ٽوڙي بعد ۾ نه۔  (درمختار، رد المحتار ج3 ص413)

*  والدين جي ناراضگيءَ جي سبب ٽيپهريءَ کان پهريان تائين نفلي روزو ٽوڙي سگهي ٿو. ٽيپهريءَ کان بعد نه۔

* جيڪڏهن ڪنهن اسلامي ڀاءَ دعوت ڪئي ته ضحوهءِ ڪبرى کان پهريان نفلي روزو ٽوڙي سگهي ٿو۔ پر قضا واجب آهي۔

* هن طرح نِيَّت ڪئي ته ”ڪٿي دعوت ٿي ته روزو ناهي ۽ نه ٿي ته آهي“۔ هيءَ نيّت صحيح ناهي۔ بهرحال روزيدار ناهي.

* ملازم يا مزدور جيڪڏهن نفلي روزو رکن ۽ ڪم پورو نه ٿا ڪري سگهن ته ”سيٺ“ (يعني جنهن ملازمت يا مزدوري تي رکيو آهي) جي اجازت ضروري آهي ۽ جــيڪــڏهن ڪـم پورو ڪري سگهن ٿا ته اجازت جي  ضرورت ناهي.

*  حضرت سيّدُنا داؤد  عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام هڪ ڏينهن ڇڏي ڪري هڪ ڏينهن روزو رکندا هئا۔ اهڙيءَ طرح روزا رکڻ کي ”صومِ داؤدي“ چئبو آهي ۽ اسان جي لاءِ هي افضل آهي۔ جيئن ته رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: افضل روزو منهنجي ڀاءُ داؤد (عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام) جو روزو آهي جو اهي هڪ ڏينهن روزو رکندا هئا ۽ هڪ ڏينهن نه رکندا هئا ۽ دشمن جي مقابلي کان فرار نه ٿيندا هئا۔“

*  حضرت سيّدُنا سليمان عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام ٽي ڏينهن مهيني جي شروع ۾، ٽي ڏينهن وچ ۾ ۽ ٽي ڏينهن آخر ۾ روزا رکندا هئا ۽ اهڙيءَ طرح مهيني جي شروعات، وچ ۽ آخر ۾ روزيدار رهندا هئا۔

                                                          (فیضان رمضان، صفحہ:382تا383)