Book Name:Imam Hussain Ki Ibadat

امامِ حسين سان محبت جو اجر

      حضرت سَيدنا علامه عبدُالرَّحمٰن ابنِ جوزيرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري عَمرو بن ليث جي سامهون ان جي تمام فوج کي گڏ ڪيو ويو، عَمرو بن ليث جڏهن پنهنجي فوج جي اها ڪثرت ڏٺي ته روئي پيو ۽ دل ئي دل ۾ چوڻ لڳو، اي ڪاش! امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْه جي شهادت جي وقت مان اتي موجود هجان ها ۽ مون وٽ ايتري فوج هجي ها ته مان پنهنجي جان، شان ۽ شوڪت ۽ سڄي فوج کي انهن تي قربان ڪري ڇڏيان ها۔ ان زماني جي ڪنهن ولي کي خواب ۾، حضورِاڪرم، نورِمجسمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت ٿي، ته رسول اڪرمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ان کي فرمايو: عَمرو بن ليث کي چئجانءِ ته ان جي دل ۾ جيڪو خيال آيو آهي اسان کي ان جي خبر آهي ۽ اسان ان جي ارادي کي قبول ڪري ورتو آهي، الله ڪريم توهان کي هن ارادي ۽ هن خيال تي اجرِ عظيم عطا فرمائي۔ جڏهن خواب ڏسڻ واري عَمرو بن ليث کي اها خوشخبري ٻڌائي ته هو خوشي وچان جھومڻ لڳو ۽ ان جي اکين مان لڙڪن جي لاڙ نڪرڻ لڳي۔ (بستان الواعظين،مجلس في فضل يوم عاشوراء وما جاء فيه، ص۲۴۰ ملتقطا)

       اي عاشقانِ امامِ حسين! ٻڌو اوهان ته جيڪو خوش نصيب پنهنجي شهرت ۽ مقام ۽ مرتبي جي پرواھ ڪرڻ بغير صرف دل ۾ رِضاءِ اِلٰهي ۽ خوشنودي مُصطَفٰي کي حاصل ڪرڻ ۽ رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نسبت ۽ شرافت جي ڪري امامِ حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه سان عقيدت ۽ محبت جو اظهار ڪندو، پنهنجي دل ۾ انهن جي خدمت ڪرڻ جي تمنا ظاهر ڪندو آهي ته ان خوش قسمت تي پياري آقا، محبوبِ خداصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ضرور ڪرم ٿيندو آهي جيئن ته بيان ڪيل واقعي ۾ پنهنجي هڪ غلام جي خواب ۾ تشريف آڻي عمرو بن ليث جي لاءِ خوشخبري ارشاد فرمائي ۽ ان جي دل ۾ ايندڙ خيال (Opinion) کي پنهنجي بارگاھ ۾ قبول فرمائي ورتو۔ اچو! ٻڌون ٿا ته عمرو بن ليث کي