Book Name:Imam Hussain Ki Ibadat

حضرتِ امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْههر حال ۾ صبر ۽ شڪر جا عادي هئا، حضرتِ امامِ حُسين رَضِىَ اللهُ عَنْه ڀلائي جي ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺڻ وارا هئا، حضرتِ امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْهعبادت ۽  رِياضت جا پيڪر هئا، حضرتِ امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْه فرضن جي ادائيگي سان گڏوگڏ نفل عبادت ۽ ڪثرت سان تلاوتِ قرآن جا شوقين هئا، ايستائين جو کوڙ روايتن ۾ سندن جي عبادت ۽ رياضت، نفل نمازن ۽ ڀلائي جي ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺڻ جو تذڪرو ملي ٿو، اچو! سندن جي عبادت جي باري ۾ (2) روايتون ٻڌون ٿا:

نماز ۽ روزي جا پابند

1۔   علامه ابنِ اثير جزريرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: كَانَ الْحُسَينُ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فَاضِلاً كَثِيرَ الصَّوْمِ وَالصَّلٰوةِ وَالْحَجِّ وَالصَّدَقَةِ وَاَفْعَالِ الْخَيرِ جَمِيعِهَا يعني حضرت سَيدُنا امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْه ڪثرت سان نماز پڙھندا هئا، روزا رکندا هئا، حج ڪندا هئا، صدقو ۽ خيرات ڪندا هئا ۽ تمام ڀلائي جي ڪمن ۾ حصو وٺندا هئا۔ (اسد الغابة، رقم:۱۱۷۳،الحسين بن علي، ۲/۲۸)

2۔   امام عالي مقام رَضِىَ اللهُ عَنْه جا شهزاده حضرتِ سَيدنا امام زين العابدين رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايو: منهنجا والدِگرامي حضرت سيدنا امامِ حُسين رَضِىَ اللهُ عَنْه ڏينهن رات ۾ هزار(1000)رڪعت نفل ادا ڪندا هئا۔ (عقد الفريد، باب من كلام الزهاد و أخبار العباد،۳/۱۱۴مختصرا)

    اي عاشقانِ امامِ حسين! ٻڌو اوهان ته حضرتِ امامِ حسينرَضِىَ اللهُ عَنْه عبادت جو ڪيتري قدرذوق ۽ شوق رکندا هئا، اسان غور ڪريون ڇا اسان فرض نماز به پڙھندا آهيون؟ حضرتِ امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْه فرض روزن کان علاوه نفلي روزا به ڪثرت سان رکندا هئا، اسان غور ڪريون ڇا اسان فرض روزا به رکون ٿا؟ حضرتِ امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْه ڪثير نفل ادا ڪندا هئا، حضرتِ امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْهڪثرت سان صدقو ۽ خيرات ڪندا هئا، اسان غور ڪريون ڇا اسان زڪوٰة به ان جي شرعي اُصولن جي مطابق ڏيون ٿا؟ حضرتِ امامِ