Book Name:Imam Hussain Ki Ibadat

فحش، غيبت، حسد، ڪينه وغيره بُرائين جا نقصان پڙھائي۔* خاص پسر (يعني پٽ) جي حقن مان اهو آهي ته ان کي لکڻ، ۽ ڪنهن فن ۾ ماهر ڪري، سوره مائده جي تعليم ڏي۔ * خاص دُختر (يعني نياڻي) جي حقن مان اهو آهي ته ان جي پيدا ٿيڻ تي ناخوشي نه ڪري بلڪ نعمتِ اِلٰهي سمجھي، ان کي سُبڻ، ڀرت ڀرڻ، رڌ پچاء وغيره سيکاري ۽ سوره نور جي تعليم ڏي۔

(فتاویٰ رضویہ، ۲۴/۴۵۲ تا ۴۵۵ ملخصاً)

      ياد رکو! جيڪڏهن اسان پنهنجي ٻارن جي اصلاح جي ڪوشش نه ڪئي ۽ انهن کي نماز، روزي جو پابند نه بڻايو ته بروزِ قيامت جي رسوائي (Disgrace) سان گڏوگڏ دنياوي نقصان اهو ٿيندو ته اهي وڏا ٿي اسان جي ڳالھ نه مڃندا، اسان کي اکيون ڏيکاريندا ۽ روز روز اسان جي پريشانين ۾ واڌاري جو سبب ٿيندا رهندا پر ان وقت پڇتائڻ کان علاوه ٻيو ڪجھ نه ورندو۔

مری آنیوالی نسلیں تیرے عشق ہی میں مچلیں

انہیں نیک تُو بنانا مدنی مدینے والے!

(وسائلِ بخشش مرمم، ص ۴۲۹)

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                              صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

تلاوتِ قرآن جو جذبو

      اي عاشقانِ امامِ حسين! جهڙي طرح سَيدنا امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْه کي ڪثرتِ عبادت جو ذوق ۽ شوق هو ۽ ڪثرت سان نفل ادا ڪرڻ جو شوق هو، اهڙي طرح پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه کي ڪثرت سان تلاوتِ قرآن ڪرڻ جو به تمام گھڻو شوق هو، اچو! سندن جي ڪثرت سان تلاوتِ قرآن بابت ٻڌون ٿا:

حضرتِ سَيدنا اِمام شَعبيرَحْمَة الله عَلَيه فرمائن ٿا:رَاَيتُ الْحُسَينَ يتَخَتَّمُ فِي شَهْرِ رَمْضَان