Book Name:Imam Hussain Ki Ibadat

جنهن جي هڪ واضِح جھلڪ دعوتِ اسلامي جي تحت قائم ”مجلس اِزدِيادِ حُبّ“ به آهي۔ ”نيڪ ڪم نمبر55 “ کي باقاعده تنظيمي طور تي عَمَلي جامو پارائيندي اهي پراڻا اسلامي ڀائر جيڪي اڳ ۾ ايندا هئا پر هاڻ نٿا اچن انهن کي مَدَني ماحول ۾ فَعال ڪري ”مسجد ڀريو تحريڪ“ ۾ شامل ڪرڻ، انهن کان پيشگي وَقت وٺي اِنفِرادي طور تي دُڪان، گھر يا دفتر وڃي ملاقات ڪرڻ، انهن کي سُنّتن ڀري اِجتماعن ۽ مَدَني مذاڪرن ۾ اچڻ جو ذهن ڏيڻ، اِجتماعي اِعتڪاف ۽ مختلف ڪورسز (اِصلاحِ اَعمال ڪورس،فيضانِ نماز ڪورس وغيره) ڪرڻ جي ترغيب ڏيارڻ، قافِلن ۾ سفر ڪرائڻ، انهن جي گھرن ۾ مَدَني حلقي جي ترڪيب ڪرڻ، انهن کي مدرسةُ المدينه براءِ بالغان ۾ شرڪت ڪرائڻ، انهن جي خوشي، غمي، بيماري ۽ فوتگي وغيره جي معامَلن ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ مشڪلات ۾ مڪتوبات ۽ تعويذاتِ عطّاريه ذريعي انهن جي مدد ڪرڻ، مرحومين جي لاءِ ايصالِ ثواب اجتماع ڪرڻ وغيره وغيره هن مجلس جي مقصدن ۾ شامل آهي۔ الله ڪريم”مجلس اِزدِيادِ حُبّ“ کي مزيد ترقيون عطا فرمائي۔اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                              صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

ٻيو نڪتو

      اي عاشقانِ رسول! اهو به پتو پيو ته سَيدُنا امامِ حسينرَضِىَ اللهُ عَنْهعاجزي ۽ انڪساري جا پيڪر هئا، تڏهن ته ٿورڙي دير ٿيڻ تي ان شخص کان معافي گھريائون، جڏهن ته معافي گھرڻ ضروري نه هو، پر پوءِ به معافي گھري،  جيڪڏهن اسان پنهنجي حالت تي غور ڪريون ته عاجزي ۽ اِنڪساري ته پري جي ڳالھ، اسان غلطيون (Mistakes) ڪرڻ جي باوجود به معافي ناهيون گهرندا ۽ هٺ ڌرمي ڪندي اهو چوندي ٻڌا ويندا آهيون ته ادا اسان ته شريفن سان شريف