Book Name:Imam Hussain Ki Ibadat

ماڻهن جي ويجھو خنزير کان به بدتر ٿي ويندو آهي۔ (مصنف ابن ابي شيبة،ڪتاب الزهد ،باب ڪلام عمر بن الخطاب، ۱۹/۱۴۴، حديث : ۳۵۶۰۲ ملتقطا)

فخر و غُرور سے تُو مولیٰ مجھے بچانا

یا ربّ! مجھے بنا دے پیکر تُو عاجزی کا

(وسائل ِبخشش مُرمّم،ص۱۷۸)

 

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                              صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي چڱي صحبت متعلق ڪجھ مفيد ڳالهيون بيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو.  

چڱي صحبت بابت ڪجھ مفيد ڳالهيون

 پهريان 2 فرمانِ مصطفي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَملاحظه ڪريو:(1)فرمايائون: اَلْمَرْءُ مَعَ مَنْ اَحَبَّ يعني انسان ان سان گڏ هوندو جنهن سان هو محبت ڪري۔ (صحيح مسلم، ڪتاب البر۔۔۔الخ، باب المرء مع من احب،ص ۱۰۸۸،حديث:۶۷۱۸)(2)فرمايا:’’اَلْمَرْءُ عَليٰ دِينِ خَلِيلِه فَلْينْظُرْ اَحَدُکمْ مَنْ يخَالِلُ‘‘ يعني انسان پنهنجي دوست جي دِين ۽ ان جي طور طريقي تي هوندو آهي، تنهنڪري ضروري آهي ته توهان ڏسو ته ڪنهن سان دوستي رکو ٿا۔ (المسند لامام احمد بن حنبل، مسند ابي هريرة،۳/۲۳۳، حديث: ۸۴۲۵) * چـڱي ۽ بُري ساٿي جي مثال مُشڪ کڻڻ ۽ بٺي دکائڻ واري جيان آهي، مشڪ کڻڻ وارو توکي تحفو ڏيندو يا تون ان کي خريد ڪندي يا توکي ان مان چڱي خوشبو ايندي، جڏهن ته بٺي دکائڻ وارو يا تنهنجا ڪپڙا ساڙيندو يا توکي ان مان ناپسند خوشبو ايندي. ۔(صحيح مسلم، ڪتاب البروالصلة، باب استحباب مجالسة...الخ، ص ۱۰۸۴،حديث:۶۶۹۲۔)