Book Name:Imam Hussain Ki Ibadat

      اچو! سندن جي صدقي ۽ خيرات ڪرڻ جي باري ۾ هڪ واقعو ٻڌون ٿا: جيئن

ڪريم هجي ته اهڙو

      هڪ ڀيري هڪ شخص حضرت سيدنا امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْه جي خدمت ۾ حاضر ٿي پنهنجي تنگدستي ۽ فقر ۽  فاقي جي شڪايت ڪئي، پاڻ فرمايائون: ڪجھ دير ويهي رهو! اسان جو وظيفو اچڻ وارو آهي، جيئن ئي وظيفو پهچندو اسان اوهان کي رخصت ڪنداسين۔ اڃا ڪجھ ئي دير گذري هئي ته حضرت سيدنا اميرِ معاويهرَضِىَ اللهُ عَنْه جي طرفان هڪ هڪ هزار(1000) دِينار جون پنج (5) ٿيلهون سندن جي بارگاھ ۾ پيش ڪيو ويون۔ قاصد عرض ڪيو: سَيدُنا اميرِمعاويهرَضِىَ اللهُ عَنْه معذرت ڪئي آهي ته اها ٿورڙي رقم آهي، ان کي قبول فرمائي غريبن ۾ ورهائي ڇڏيو۔

      حضرت سَيدُناامامِ حسينرَضِىَ اللهُ عَنْه سڄي رقم ان غريب ماڻهو جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ ان کان معذرت فرمائي ته اوهان کي انتظار ڪرڻو پيو۔ (کشف المحجوب ، باب فی ذکر آئمتہم من اہل البیت، ص۷۷ )

بھو کے رہتے تھے  خود  اَوروں کو کھلا  دیتے تھے

کیسے صابر تھے محمد کے گھرانے والے

      اي عاشقانِ امامِ حسين! بيان ڪيل واقعي مان ٻه نڪتا حاصل ٿيا۔

      هڪ ته اهو حضرت سَيدُنا امامِ حسينرَضِىَ اللهُ عَنْه صدقو ۽ خيرات ڪرڻ ۽ غريبن، تنگدستن، محتاجن ۽ حاجت مندن جي مدد ڪرڻ جا عادي هئا جيئن هينئر اسان ٻڌو ته سڄي رقم يڪدم ان غريب ۽ محتاج کي عطا ڪري ڇڏي، پر افسوس اڄڪلھ اسان بخل سان ڪم وٺندي صَدَقو ۽ خَيرات ڪرڻ جي معاملي ۾ سُستي ڪندا آهيون، جيڪڏهن ڪو حاجت مند اچي به وڃي ته ڪاروبار، يا روزگار جي حوالي سان شڪوه شڪايات جا انبار لڳائي ۽ ڪوڙ