Book Name:Imam Hussain Ki Ibadat

مڪتبة المدينه تي دستياب هئڻ سان گڏوگڏ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ تان به پڙهي سگھجي ٿو، هن رسالي ۾ اوهان پڙهي سگھندو۔

     *بعدِ فجر مدني حلقو ڇا کي چئبو آهي؟ * مدني حلقو لڳائڻ جو طريقو * اسلاف جا مدني حلقا * مدني حلقي جي معمولات جي وضاحت * فيضانِ سنّت بابت مفيد ڳالهيون * شجرو شريف پڙھڻ جون برڪتون * دعا جا فائدا* اِشراق ۽ چاشت جون برڪتون * مدني حلقو لڳائڻ جا فائدا ۽ * مدني حلقو لڳائڻ جو ڪجھ احتياطون وغيره

     * اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ مَدَني حلقي جي بَرَڪت سان مسجِد ۾ ويهڻ جو ثَواب حاصِل ٿيندو آهي،* فجر کان پوءِ مَدَني حلقي جي بَرَڪت سان تِلاوتِ قُرآن ڪرڻ ٻڌڻ جو شَرَف حاصِل ٿيندو آهي،* فجر کان پوءِ مَدَني حلقو قُرآنِ ڪريم جو ترجمو ۽ تفسير سان سمجھڻ جو بهترين ذَرِيعو آهي، * فجر کان پوءِ مَدَني حلقي جي بَرَڪت سان مَدَني اِنعامات تي عمل ٿي ويندو آهي،* فجر کان پوءِ مَدَني حلقي جي بَرَڪت سان اِشراق ۽ چاشت جا نفل پڙھڻ جو موقعو ملندو آهي،* فجر کان پوءِ مَدَني حلقي ۾ بُزرگانِ دين رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيهم اَجْمَعِين جي ذِڪرِ خَير تي مُشتَمِل شَجَرو شريف پڙھڻ ٻڌڻ جو شَرَف حاصِل ٿيندو آهي ۽ بُزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيهم اَجْمَعِين جي رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيهم اَجْمَعِين جي ذڪرِ خَير تي مُشْتَمِل هن مُبارَڪ شَجَري جي بَرَڪت سان ڪيئي عاشِقانِ رسول جون دعائون قبول ٿين ٿيون، مصيبتن ۽ پريشانين کان ڇوٽڪارو نصيب ٿيندو آهي ۽ رُڪيل ڪم بڻجي ويندا آهن۔ اچو! تَرغِيب طور هڪ مَدَني بهار ٻڌو ۽ خوش ٿيو،

ويزائون ملي ويون

هڪ اسلامي ڀاءُ تقريباً 14سالن کان ٻاهرين مُلڪ ۾ مُقِيم ۽ 6سال کان دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول کان وابسته آهي۔ جتي انهن جو پنهنجو ڪاروبار (Business) آهي۔ انهن کي هڪ ڀيري پنهنجي ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ