Book Name:Imam Hussain Ki Ibadat

يعني مون ڏٺو ته سيدنا امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْه رَمَضانُ المُبارڪ ۾ مڪمل قرآنِ مجيد ختم ڪندا هئا۔(سير اعلام النبلا ء،الحسين بن علي،۴/۴۱۰)

قرآن جا باعمل عالِم

       حضرتِ سَيدُنا امامِ حسينرَضِىَ اللهُ عَنْهقرآن جا عالمِ باعمل، تقويٰ ۽ پرهيزگاري جا پيڪر، خوفِ خُدا رکڻ وارا ۽ گھڻي سخاوت ڪندڙ هئا۔(شہادت نواسہ  سید الابرار،ص۴۷۳ملخصاً)

تلاوتِ قرآن ۽ نماز سان محبت

       پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! سَيدُنا امامِ حسين جي قرآن ڪريم ۽ نمازن سان محبت جو اندازو هن ڳالھ مان لڳايو ته 9مُحَرَّمُ الحَرام جو جڏهن يزيدين سان باهمي صلح جي اُميد ختم ٿي وئي ته امامِ عالي مقام، امامِ حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه پنهنجي ڀاءُ کي فرمايائون ته ڪنهن نموني اها لڙائي سڀاڻي تائين مؤخر ٿي وڃي ۽ اڄ جي رات اسان کي عبادت ِالٰهي جي لاءِ ملي وڃي ته بهتر آهي، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه پنهنجي ڀاء کي ارشاد فرمايائون:

      جيڪڏهن موقعو ملي وڃي ته اڄ جي رات نماز، دعا ۽ اِستِغفَار ۾ گذاريون، ڇوته مون کي ربِّ ڪريم جي رضا جي لاءِ نماز ۽ تلاوتِ قرآن سان محبت آهي ۽ ڪثرت سان دعا ۽ اِستِغفَار منهنجو معمول آهي۔ (الکامل فی التاریخ،۳/۴۱۵)

      اي عاشقانِ صحابه ۽ اهلِ بيت! ٿورو سوچيو! جڏهن چئني پاسي دشمنن جو هجوم هجي، مصيبتن تي مصيبتون ۽ آزمائشن تي آزمائشون اچي رهيون هجن، پيئڻ جي لاءِ پاڻي نه ملي رهيو هجي ته اسان مان هر هڪ جي تمنا اها ئي هوندي ته ڪاش ڪهڙي طرح انهن مصيبتن کان ڇوٽڪارو ملي وڃي، ڪهڙي طرح به اها مصيبت ٽري وڃي، پر سَيدُنا امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْه جي تمنا ڏسو ته ڇا فرمائي رهيا آهن ته ڪاش اها رات به عبادت ڪرڻ جي لاءِ ملي وڃي، اها رات به تلاوتِ قرآن جي لاءِ ملي وڃي، اها رات به دعا ۽ مناجات جي