Book Name:Imam Hussain Ki Ibadat

ٻه مدني گُل: (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

   (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

* نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس * ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس * ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس * ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس * صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله، تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                              صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! مُحَرَّمُ الحَرام جو بابرڪت مهينو جاري ۽ ساري آهي، هن مُبارَڪ مهيني کي شهيدانِ ڪربلا ۽ خاص ڪري اِمامِ عالي مَقام، سَيدُنا اِمامِ حُسين، شهزادهءِ ڪونينرَضِىَ اللهُ عَنْه سان هڪ خاص نسبت  حاصل آهي، انهيء مناسبت سان اڄ جي بيان ۾ اسان امامِ عالي مقام، امامِ حسينرَضِىَ اللهُ عَنْه جي تقويٰ ۽ پرهيزگاري، صدقي ۽ خيرات، فضيلت ۽ مناقب، شان ۽ عظمت، آقا ڪريم، رؤف رحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سندن سان محبت ۽ خاص ڪري (Specially) پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جي عبادت جو ذوق  ۽ شوق، عبادت جا واقعا پڻ ٻڌنداسين۔ اي ڪاش! اسان کي سڄو بيان چڱين چڱين نيتن سان ٻڌڻ نصيب ٿي وڃي، اچو! سڀ کان پهريان هڪ واقعو ٻڌون ٿا: جيئن