Book Name:Imam Hussain Ki Ibadat

نمازن جو اهتمام ڪنداسين“ ائين ڪنهن قسم جي شرم ۽ جِھجڪ جي بنا وڏي دليري سان مَعَاذَ الله هن ڳالھ جو ڄڻ ته اِقرار ڪري رهيا هوندا آهن ته اسان جو نمازون ڇڏڻ جو اهو ڪبيره گُناھ جُمعي جي ڏينهن تائين يا رمضانُ المبارڪ تائين مُسلسل جاري رکنداسين۔ شايد اهو ئي سبب آهي ته اڄ اسان جي گھرن ۾ اتفاق ناهي، روز روز لڙائي جھيڙا عام ٿي ويا آهن، هر هڪ رِزق ۾ بي برڪتي جي ڪري پريشان (Worried) آهي، هر هڪ ٻي سان ناراض نظر اچي رهيو آهي، ڪٿي والدين پنهنجي نافرمان اولاد کان بيزار آهن، ته ڪٿي ڀاءُ ڀاءُ جي وچ ۾ رنجشون پيدا ٿي رهيون آهن۔

ٻارن جي سٺي تربيت ڪريو

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! شايد ان جو سبب اهو ئي آهي ته اسان الله پاڪ ۽ رسول اللهصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي فرمانن تي عمل ڇڏي ڏينهن رات نافرماني وارن ڪمن ۾ مشغول ٿي ويا آهيون، نه صرف پاڻ نمازن کان پري ٿياسين بلڪ اسان جا ٻار ۽ گھر وارا به نمازن کان پري ٿيندا پيا وڃن ۽ اسان پنهنجي ٻارن جي چڱي تربيت نٿا ڪيون، انهن کي نمازن جو ذهن به نٿا ڏيون، جڏهن ته اسان کي ٻارن جي چڱي تربيت ڪرڻ گھرجي ۽ ننڍپڻ کان ئي انهن کي نمازن جو ذهن ڏيڻ گھرجي۔

      ياد رکو! جيڪڏهن ٻارن کي ننڍپڻ کان ئي ناجائز ۽ حرام ڪمن کان بچائي انهن جي سٺي تربيت تي توجھ ڏني وڃي ته دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي انهن جو مقدر ٿيندي، جيئن سَيدنا امامِ حُسين رَضِىَ اللهُ عَنْه جي ننڍپڻ ۾ سٺي تربيت جي برڪت سان پاڻ بيشمار سٺين وصفن سان مزين ٿيا، تنهنڪري والدين تي لازم آهي ته ٻارن جي سٺي تربيت ڪن نه ته سڀاڻي بروزِ قيامت انهن جي باري ۾ پڇيو ويندو، جيئن ته

      حضرتِ سيدنا عبدالله بن عمررَضِىَ اللهُ عَنْهما هڪ شخص کي فرمايو: پنهنجي