Book Name:Imam Hussain Ki Ibadat

وارن جي ضَرورت پئي۔ انهن ويزن جي لاءِ بار بار درخواستون جمع ڪرايون پر ڪافي ڪوشِشن جي باوُجود ويزائون نه ملي سگھيون۔ ڪيئي سال ائين گذري ويا، اهي گھڻو پريشان هئا ڇاڪاڻ ته مُلازم نه هئڻ جي ڪري انهن کي نقصان کڻڻو پيو پئي۔ خير اُنهن همَّت ڪري هڪ دفعو ٻيهر درخواست جمع ڪرائي۔ انهيءَ دوران هڪ اسلامي ڀاءُ اُنهن کي ”شَجَرَهٔ قادِرِيه رَضَوِيه ضِيائِيه عَطَّارِيه“ مان شَجَرَه عَالِيه جا دُعائيه شعر پڙھڻ جو مَشوَرو ڏنو۔ اُنهن شَجَري شريف مان دُعائيه شعر کي بِلاناغه پڙھڻ شروع ڪيو۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ شَجَرَهٔ عَالِيه قادِرِيه رَضَوِيه عَطَّارِيه پڙھڻ جي بَرَڪت سان انهن جو اهو ڪم جيڪو ڪيئي سالن کان نه پئي ٿيو، حَيرت اَنگيز طور تي ڪجھ ڏينهن ۾ ٿي ويو يعني اُنهن کي گھربل تعداد ۾ ويزائون ملي ويون۔

مُشْکِلیں حَل کر شَہِ مُشکِل کُشا کے واسِطے                 کر بَلائیں رَد شہیدِ کربَلا کے واسِطے

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                                                                              صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

صدقو ۽ خيرات

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان سَيدنا امامِ حسينرَضِىَ اللهُ عَنْه جي عبادات جا واقعا ٻڌي رهيا هئاسين، جهڙي طرح پاڻرَضِىَ اللهُ عَنْهفرا ئض ۽ واجبات جا پابند هجڻ سان گڏوگڏ ڪثرت سان نفل نمازون ادا ڪندا هئا، اهڙي طرح پاڻ ڪثرت سان نفل صدقو ۽ خيرات به ڪندا هئا، غريبن ۽ مسڪينن جي مدد ڪندا هئا ڇوته اهو سندن جي خانداني وراثت هئي۔ پاڻ اهلِ بيت جي سخي گھراڻي جا چشم وچراغ (Son) هئا، ان ڪري سخاوت ۽ راھِ خدا ۾ خرچ ڪرڻ ۾ پڻ ڪنهن کان پوئتي نه رهندا هئا سندن جي ذات ۾ صَدَقي ۽ خَيرات جو جذبو پڻ ايتري قدر ڀريل هو جو ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجي ضرورتن کي پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي ضرورت تي قُربان ڪري ڇڏيندا هئا۔