Book Name:Imam Hussain Ki Ibadat

۽ بدمعاشن سان بدمعاش آهيون، جيڪو اسان سان جھيڙو ڪندو اسان ان کي نه ڇڏينداسين، جيڪو اسان کي هڪ ڳالھ ٻڌائيندو، اسان ان کي ڏھ ٻڌائينداسين، جيڪو اسان کي تڪليف پهچائيندو اسان ان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏينداسين، جڏهن ته اسان جا بزرگانِ دِينرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهم اَجْمَعِين ته بدتميزي ڪرڻ وارن سان به حُسن اَخلاق سان پيش ايندا هئا، اسان جا بزرگانِ دِين ته غلطي نه هئڻ جي باوجود به معافي گھري وٺندا هئا، اسان جا بزرگانِ دِين ته گاريون ڏيڻ وارن کي به دعائون ڏيندا هئا، اسان جا بزرگانِ دِين ته دل آزاري ڪرڻ وارن سان به عفو درگذر سان ڪم وٺندا هئا، هڪ اسان آهيون جو بنا شرعي سبب جي ماڻهن جون دل آزاريون ڪندا آهيون، ڄاڻي واڻي ماڻهن کي تڪليفون ڏيندا آهيون، اسان ماڻهن جون غيبتون ڪندا آهيون، اسان ناحق ماڻهن جون شيون ڦٻائي وٺندا آهيون، اسان کل مذاق ڪرڻ وارن کي گاريون ڏيندا آهيون، اسان ماڻهن کان بدلو وٺڻ جو موقعو ڳوليندا آهيون، تنهنڪري اسان کي گھرجي ته انهن بُرين عادتن کي  ڇڏي ڪري پنهنجي اسلاف جي نقشِ قدم تي هلندي، عَفو ۽ درگزر، حِلم ۽ بردباري، تحمل مزاجي ۽ عاجزي ۽ انڪساري جي عادتن کي اپنايون، ڇوته عاجزي ۽ انڪساري واريون عادتون رکڻ وارا هر دلعزيز بڻجي ويندا آهن جڏهن ته تڪبُّر ۽ ڳالھ ڳالھ تي جھيڙو جھٽو ڪرڻ  جي لاءِ تيار ٿيڻ وارن کان ماڻهو نفرت ڪرڻ لڳندا آهن۔

عاجزي اختيار ڪريو

      اميرُالْمُؤمِنِين،خَلِيفَة الْمُسْلِمِينحضرت سَيدُناعمر فاروقِ اعظمرَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايو: جيڪو الله ڪريم جي لاءِ عاجزي اختيارڪندو، الله پاڪ اُن کي بلندي عطا فرمائيندو، پوءِ هو پاڻ کي ڪمزور سمجھندو پر ماڻهن جي نگاهن ۾ اهو عظيم هوندو ۽ جيڪو تڪبُّر ڪري، الله ڪريم اُن کي ذليل ڪندو پوءِ اهو ماڻهن جي نگاهن ۾ ننڍو پر پاڻ کي وڏو سمجھندو هوندو ايستائين اهو