Book Name:Imam Hussain Ki Ibadat

لاءِ ملي وڃي، واقعي اهو انهيء عبادت جو ذوق ۽ شوق هو جو ميدانِ ڪربلا ۾ ايتريون تڪليفون ۽ مصيبتون اچڻ جي باوجود به اهو جذبو ٿڌو نه ٿيو ۽ ميدانِ ڪربلا ۾ 10 ڏينهن ڪا نماز قضا نه ڪيائون، عبادت سان محبت جو عَالَم اهو هو جو آخري وقت پنهنجو مبارڪ سر بارگاھ ربُّ اۡلعزت ۾ جھڪائي سجدي جي حالت ۾ شهادت کي سيني سان لڳايائون۔

       پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به دُرست نماز ۽ تلاوتِ قرآن سکڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي، فيضانِ نماز ڪورس ڪرڻ ۽ مدرسة المدينه (بالغان) ۾ شرڪت ڪري پابندي سان تعليمِ قرآن حاصل ڪرڻ نهايت مددگار ثابت ٿيندو۔

12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”بعد فجر مَدَني حلقه“

 اي عاشقانِ امامِ حسين! جيڪڏهن اسان به الله ۽ رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اَحڪامن مطابق زندگي گذارڻ، نماز، روزو ۽ نفل عبادتن جي پابندي ڪرڻ ۽ امامِ حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه جي سيرت تي عمل جو جذبو وڌائڻ چاهيون ٿا ته اڄ ئي عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو پنهنجو ڪجھ نه ڪجھ وقت ڪڍي ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان ڪنهن هڪ مدني ڪم جي ذميداري وٺو۔ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان روزانو جو هڪ مَدَني ڪم ”بعدِ فجر مدني حلقو“ به آهي۔ جنهن ۾ فجر جي نماز جي جماعت کان پوءِ دعوتِ اسلامي جي تحت قائم ڪيئي مسجدن ۾ روزانو (3) آيتن جي تلاوت مع ترجَموڪنز الايمان ۽ تفسيرخزائنُ العرفان، تفسير نُورالعرفان يا تفسير صِرَاطُ الجِنَان، (درسِ فيضانِ سُنَّت)، منظوم شجرهٔ قادِريه رَضَويه عطاريه پڙھڻ ۽ ٻڌڻ جو معمول هوندو آهي۔

      12 مدني ڪمن مان هن مدني ڪم ’’بعدِ فجر مدني حلقه‘‘ جي تفصيلي معلومات جي لاءِ مڪتبة المدينه جي رسالي ’’بعدِ فجر مدني حلقه‘‘ جو مطالعو ڪريو، تمام اسلامي ڀائر هن رسالي جو لازمي مطالعو ڪن، اهو رسالو