Book Name:Imam Hussain Ki Ibadat

سيرتِ طيبه جي روشن پهلوئن تي عمل ڪريون، هنن مقدّس هستين جو نهايت اَدب ۽ اِحترام ڪريون، حضور اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  حضراتِ حسنينِ ڪريمين کان بي پناھ محبت فرمائيندا هئا، جيئن

حضراتِ حسنينِ ڪريمين سان محبت

حضرتِ سَيدُنا ابو ايوب انصاريرَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: مان رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيس ته حضراتِ حسنينِ ڪريمينرَضِىَ اللهُ عَنْهمَا پاڻ سڳورنصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هنج ۾ کيڏي رهيا هئا۔ مون عرض ڪيو: يارسول الله! ڇا اوهان هنن سان محبت ڪريون ٿا؟ ناناءِ حسنين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مان انهن سان محبت ڇو نه ڪيان، جڏهن ته هي منهنجا ٻه گل آهن جن جي مهڪ کي مان سونگھندو آهيان۔ (معجم ڪبير، ۴/۱۵۵، حديث:۳۹۹۰)

 

کس زباں سے ہوں بیان  عزوشان اہل  بیت                                                                                       مدح گوئے مُصطفٰے ہے مدح خوانِ اہلِ بیت

مُصطفٰے عزت بڑھانے کے لئے تعظیم دیں        ہے بلند اِقبال تیرا دُودمانِ اہلِ بیت

(ذوق نعت،ص۱۰۰)

 

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                              صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ربِّ ڪريم جَلَّ جَلَالُه امامِ عالي مقام، امامِ حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه کي تمام گھڻين خوبين سان ۽ شان ۽ عظمت سان نوازيو هو، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جي عبادت ۽ رياضت، تقويٰ ۽ پرهيز گاري جا واقعا ٻڌڻ کان پهريان سندن جو مختصر ذڪرِ خير ۽ تعارف(Introduction) ٻڌون ٿا:

مختصر تعارف