Book Name:Imam Hussain Ki Ibadat

محبتِ امامِ حُسين جي ڪري ٻيو ڪهڙو رتبو ۽ مقام مليو،

محبتِ امامِ حُسين جي ڪري بخشش ٿي وئي

      خُراسان جي حاڪم عَمرو بن ليث کي انتقال کان پوءِ ڪنهن خواب ۾ ڏسي پڇيو: الله پاڪ تو سان ڪهڙو معاملو فرمايو؟ ان چيو: الله ڪريم مون کي بخشي ڇڏيو، پڇيائين ڪهڙي سبب؟ ان چيو: هڪ ڀيري مان جبل تان پنهنجي لشڪر جي گھڻائي ڏسي خوش ٿي رهيو هيس ته مون تمنا ڪئي ڪاش! مان هن وقت ميدانِ ڪربلا ۾ هجان ها، جڏهن يزيدي لشڪر امامِ حسينرَضِىَ اللهُ عَنْه ۽ ٻين اهلِ بيت تي ظلم ۽ ستم ڪري رهيا هئا ته مان سندن جي ڪجھ خدمت ڪري سگھان ها۔ ته ربِّ ڪريم انهيء نيت جي ڪري منهنجي مغفرت فرمائي ڇڏي۔ (مدارج النبوت ،باب نهم ذڪر حقوق آنحضرت ،۱/۳۰۵ ملخصا)

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اها حقيقت آهي جيڪو شخص پنهنجي دل ۾ محبتِ اهلِ بيت ۽ سَيدنا امامِ حُسين جي محبت کي آباد ڪندو آهي اهو دنيا ۽ آخرت جي برڪتن مان حصو ماڻي وٺندو آهي ڇوته اهلِ بيتِ اطهار سان محبت ڪرڻ ائين ئي آهي جيئن پياري پياري آقا، مديني واري مصطفٰيصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان محبت ڪرڻ، اهلِ بيتِ اطهار جي محبت دنيا ۽ آخرت جي بيشمار ڀلائين جو سرچشمو آهي۔ ايستائين جو اهلِ بيتِ اطهار جي محبت شفاعتِ مصطَفٰي حاصل ٿيڻ جو ذريعو آهي، جيئن مُصطَفٰي جانِ رحمت، شمعِ بزمِ هدايتصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: جيڪو شخص وَسيلو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ته ۽ اهو چاهي ٿو ته منهنجي بارگاھ ۾ ان جي ڪا خدمت ٿئي، جنهن جي ڪري مان قيامت جي ڏينهن ان جي شفاعت ڪيان، ان کي گھرجي ته منهنجي اهلِ بيت جي خدمت ڪري ۽ انهن کي خُوش ڪري۔(برڪاتِ آل رسول،ص ۱۱۰)

       اي عاشقانِ اهلبيت! اسان کي به گھرجي ته اهلِ بيتِ اطهار ۽ خاص ڪري سَيدنا امامِ حسينرَضِىَ اللهُ عَنْه جي غُلامي جو پَٽو پنهنجي ڳچي ۾ وجھي سندن جي