Book Name:Imam Hussain Ki Ibadat

ڏينهن ماڻهن مان سڀ کان وڌيڪ منهنجي ويجھو اهو شخص هوندو، جيڪو سڀ کان وڌيڪ مون تي دُرُود شريف پڙھندو هوندو۔ )ترمذي،ابواب الوتر،باب ماجاء في فضل الصلاة...الخ، ۲/۲۷ ،حديث:۴۸۴(

حڪيمُ الاُمّت مفتي احمد يارخان نعيميرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه هن حديثِ پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: قِيامَت ۾ سڀ کان وڌيڪ آرام ۾ اهو هوندو، جيڪو حُضُور(صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) سان گڏ رهندو ۽ حُضُور (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جي همراهي نصيب ٿيڻ جو ذريعو دُرُود شريف جي ڪثرت آهي۔ هن مان مَعلُوم ٿيو ته دُرُود شريف بهترين نيڪي آهي، ڇوته تمام نيڪين سان جَنّت ملندي آهي ۽ هن سان بَزمِ جَنّت جا گھوٽ (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) ملن ٿا۔ (مرآة المناجيح، ۲/۱۰۰) انهيء ڪري ته منهنجا آقا اعلي حضرت، امام اهلسنترَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا ۔

حشر میں کیا کیا مزے وارفتگی کے لُوں رَضا

لوٹ جاؤں پا کے وہ دامانِ عالی ہاتھ میں

                                                                 (حدائقِ بخشش،ص۱۰۴)

مختصر وضاحت: اي رضا! ميدانِ حشر ۾ الله ۽ ان جا پيارا حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جڏهن پنهنجي عاشقن ۽ ديوانن تي فَضل ۽ ڪرَم فرمائي رهيا هوندا ته ان عالَم ۾ منهنجي بي خودي جو عالَم ڪهڙو هوندو؟ بس مان ته سرڪارِ والا تبار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو دامَن پڪڙي وٺندس۔

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                              صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖيعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .  (المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)