Book Name:Wabae Amraz or islam
عِبَادت ڪيان ٿو اهو آهي جو...
وَ اِذَا مَرِضْتُ فَهُوَ یَشْفِیْنِﭪ(۸۰) (پاره19،سورۃالشعراء:80)
ترجمو ڪنزالايمان: ۽ جڏهن مان بيمار ٿيان ته مون کي شفا ڏئي ٿو.
مَاشَآءَ الله! الله جي ڪلام جو حُسن ڏسو! ته بيماري به الله پاڪ جي طرفان ۽ شفا به الله پاڪ ئي ڏي ٿو پر بيماري ملڻ ۾ نقصان جو پهلو آهي، ان ڪري اَدب ڪندي فرمايائون: وَ اِذَا مَرِضۡتُ جڏهن مان بيمار ٿيان۔ يعني حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلام بيمار ٿيڻ جي نسبت پنهنجي طرف ۽ شِفا جيئن ته رَحمت ۽ عِنَايت ۽ خير ئي خير آهي، ان ڪري شفا جي نسبت الله پاڪ ڏانهن ڪندي چيائين: فَہُوَ یَشۡفِیۡنِ ته اهو ئي مون کي شفا ڏي ٿو۔
وہی جو خالق جہان کا ہے، وہی خدا ہے، وہی خدا ہے
جو رُوح جسموں میں ڈالتا ہے، وہی خدا ہے، وہی خدا ہے
مصیبت و درد و رنج وغم میں، حیات کے سارے پیچ وخم میں
وہ جس کو راغب پُکارتا ہے، وہی خدا ہے، وہی خدا ہے
امام رازي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تفسير ڪبير ۾ وڏي خوبصُورت حڪايت لکي آهي، فرمائن ٿا: هڪ ڀيري الله جي نبي حضرتِ موسيٰ ڪليمُ الله عَلَيۡهِ السَّلام جي پيٽ ۾ سور ٿيو،
الله! الله! نصيب ڏسو! اسان کي دَرد ٿئي ته ڊاڪٽر وٽ ويندا آهيون پر حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلام جي شان ۽ عظمت جي ڇا ڳالھ ڪجي! سندن کي تڪليف ٿي ته ڪوھ طُور تي حاضِر ٿيا، الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيائون: موليٰ! پيٽ ۾ سور آهي۔ ارشاد ٿيو: اي موسيٰ! جهنگ ۾ وڃو ۽ فلاڻي جڙي ٻُوٽي کائو۔ حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلام جهنگ ۾ پهتا، جڙي ٻوٽي حاصِل ڪري، کاڌائون ته