Wabae Amraz or islam

Book Name:Wabae Amraz or islam

هن سُنّتِ مصطفيٰ تي عمل ڪري ثواب ڪمائڻ گھرجي۔

(۳):وبائن ۾ ڪثرت سان دُعا ڪريو

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: اَلدُّعَاءُ سَلَاحُ الْمُؤْمِنِ  دُعا مؤمن جو هٿيار آهي۔ (مسند اَبِیْ یَعْلیٰ، مُسْنَدِ جابِر، جلد:2، صفحہ:123، حدیث:1812)

        پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن به مشڪل پيش اچي، وبا ڦهلجي يا بيماري اچي، طوفان اچن يا ڏڪار اچي، ڪيڏي وڏي مشڪل ڇو نه اچي، دُعا واري هٿيار کي استعمال ڪرڻ ڪڏهن به نه وسارجو ۽ ياد رکو! دُعا ڪرڻ صِرف نيڪ ماڻهن سان خاص ناهي، بلڪه الله پاڪ هر هڪ جي ٻڌندو آهي، دُعا ته خود عِبَادت بلڪ حديثِ پاڪ ۾ فرمايو ويو: اَلدُّعَاءُ مُخُّ الْعِبَادَۃِ دُعا عِبَادت جو مَغز آهي۔ (ترمذی، کتابُ الدَّعْوَات، دعا کی فضیلت، صفحہ:777، حدیث:3371) لهٰذا هر هڪ کي دُعا ڪرڻ گھرجي۔ ها! دُعا گهرو ته الله پاڪ جي بارگاھ ۾ نيڪ ماڻهن جو وسيلو پيش ڪريو، اِن شَآءَالله! دُعا جلد قبول ٿي اَثَر ڏيکاريندي۔ هڪ حديثِ پاڪ ۾ اچي ٿو: هڪ نابين صَحَابِي رَضِي الله عَنه بارگاھ رسالت ۾ حاضِر ٿيو ۽ اکيون طلب ڪيون، غمخوار نبي، رسولِ هاشِمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي نمازِ حاجت ۽ دُعا سيکاري، ان مسجد ۾ وڃي نماز پڙھي، دُعا ڪئي، اڃا ڪجھ ئي دير گذري هئي جو اکيون اهڙيون روشن ٿي ويون، ڄڻ ڪڏهن نابين هئا ئي ڪونه۔ (فضائلِ دُعا، صفحہ:295بتغیر قلیل)

  اها نماز ۽ دُعا ڇا آهي، ٻڌو! ۽ مشڪلاتن ۾ پڙھڻ جي نيت ڪريو: تازو وُضُو ڪري ٻه رَڪعت نفل نماز پڙھو، سلام کان پوءِ هن طرح دُعا گھرو. اَللّٰہُمَّ اِنِّی اَسْئَلُکَ وَاَتَوَجَّہُ اِلَیْکَ بِنَبِیِّنَا مُحَمَّدٍ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَسَلَّم نَبِیِّ الرَّحْمَۃِ، یَارَسُوْلَ اللہ! اِنِّیْ اَتَوَجَّہُ بِکَ اِلیٰ رَبِّیْ فَیَقْضِیْ حَاجَتِیْ۔ اي الله پاڪ! مان توکان سوال ڪيان ٿو ۽ پنهنجي نبي مُحَمَّد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جيڪي نبي رَحمت آهن، انهن جي وسيلي سان تنهنجي طرف متوجھ آهيان۔ يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مان اوهان جي وسيلي سان الله