Book Name:Wabae Amraz or islam
۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔
(مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵)
سنتیں عام کریں دین کا ہم کام کریں نیک ہو جائیں مسلمان مدینے والے
ٻه فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1) توهان جو پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي لاءِ مُرڪڻ صدقو آهي۔ (ترمذی ، کِتاب: بِرْ وَالصِّلَۃ ، صفحہ:478، حدیث:1956) (2) اَلقَھقَھَۃُ مِنَ الشَّيطَانِ وَالتَّبَسُّمُ مِنَ الله يعني ٽهڪ ڏيڻ شيطان جي طرفان آهي ۽ مرڪڻ الله پاڪ جي طرفان آهي۔ (معجمِ صغیر، صفحہ:713، حدیث:1057) ٽهڪ مان مُراد آواز سان کلڻ آهي، شيطان ان کي پسند ڪري ٿو ۽ ٽهڪ لڳائڻ واري تي سُوار ٿي ويندو آهي جڏهن ته تَبَسُّم مان مُراد بِغير آواز جي ٿوري مِقدار ۾ کلڻ آهي۔ (فیض الْقَدِیر جلد:4، صفحہ:706، تحت الحدیث:6196) ياد رهي! ٽهڪ لڳائڻ توڙي جو شيطان جي طرفان آهي، بُرو به آهي ۽ سنَّت به ناهي تڏهن به گناھ نه آهي۔ فرض ڪيو ڪنهن عالِم صاحِب يا بُزرگ کي ٽهڪ ڏيندي ڏسو ته انهن لاءِ پنهنجي دل ۾ هرگز ڪنهن قسم جو برو گمان نه آڻيو۔ (نیکی کی دعوت، صفحہ:249)
اي عاشقانِ رسول! مسڪرائڻ سُنّت آهي۔ پياري آقا، مديني وارا مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بڪثرت مسڪرائندا هئا، صحابه ڪرام عليهم الرِّضوَان جا اهڙا قول موجود آهن جو اسان مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي جڏهن به ڏٺو، مُرڪندي ئي ڏٺو۔ (مسند امام احمد، جلد:9صفحہ:44، حدیث:22359)
امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه فرمائن ٿا: * مرڪڻ مُردھ دِلين کي زِندھ ڪري ٿو۔ (کب مسکرانا چاہیے؟، صفحہ:2) * رضاءِ الٰهي خاطر مسڪرائي ملڻ ثواب جو ڪم، آخرت ۽ مغفرت جو سبب آهي۔ (نیکی کی دعوت، صفحہ:248) *مرڪندي ڪنهن کي سمجھائڻ عام طور نيڪي جي دعوت جي ديني ڪم کي نهايت آسان بڻائي ٿو ۽ حيرت انگيز نتيجن جو سبب بڻجي ٿو، جي ها! اوهان جي معمولي مسڪراهٽ ڪنهن جي دل کٽي ان جي گناهن ڀري زندگي ۾ اِنقِلاب برپا ڪري سگھي ٿي ۽ ملڻ مهل