Book Name:Wabae Amraz or islam
مطابق شايد اهو دُنيا جو اختتام هو، انهن کي ڄڻ ائين لڳي رهيو هو ته جيئن ڪرونا دُنيا کان انسانن جو خاتمو ڪري ڇڏيندو۔ (2): ان جي برخلاف(Opposite) هڪ تعداد اهڙن ماڻهن جو به هو جن جو چوڻ هو ته ڪرُونا شَرُونا ڪجھ نه آهي، الله پاڪ تي تَوَڪل ڪرڻ گھرجي، هٿ ملائڻ کان، بغير ماسڪ جي گھُومڻ ڦرڻ کان ڪجھ به ناهي ٿيندو، اسان کي ڊاڪٽرن جي ٻڌايل احتياطن تي عَمَل ڪرڻ جي بلڪل حاجت نه آهي، ڪجھ نادان ته حڪومتن تي، ڊاڪٽرن تي الزام تراشيون ڪري معاذ الله! گُنَاهن جو شِڪار به ٿي رهيا هئا۔
پيارا اسلامي ڀائرو! اهي ٻئي انداز غلط آهن، پهريان اها ڳالھ ياد رکو ته همّت هارڻ ۽ نفسياتي طور تي خوف زَده ٿيڻ خود هڪ مَرض آهي، اسان جي پياري دينِ اسلام جي اها خاصيت آهي جو اسلام اسان کي حوصلو ڏي ٿو ۽ آخري ساھ تائين اسان جي همت وڌائي ٿو، اهو اسلام جو مزاج آهي، اسلام اسان کي ڊڄڻ نه، بلڪه حالتن جو مقابلو ڪرڻ سيکاري ٿو، اسلام اسان کي جيئڻ سيکاري ٿو، اسلام جي کوڙ سارين تعليمات مان صِرف هڪ تعليم ”تَقدِير“ کي ئي ڏسو، الله پاڪ قرآنِ مجيد ۾ فرمايو:
مَاۤ اَصَابَ مِنْ مُّصِیْبَةٍ فِی الْاَرْضِ وَ لَا فِیْۤ اَنْفُسِكُمْ اِلَّا فِیْ كِتٰبٍ مِّنْ قَبْلِ اَنْ نَّبْرَاَهَاؕ-اِنَّ ذٰلِكَ عَلَى اللّٰهِ یَسِیْرٌۚۖ(۲۲)
(پاره27،سورۃالحديد:22)
ترجمو ڪنز الايمان: نه ٿي پهچي ڪابه مصيبت زمين ۾ ۽ نه ئي توهان جي جانين ۾ مگر اها هڪ ڪتاب ۾ آهي هن کان اڳي جو اسان ان کي پيدا ڪيون بيشڪ اهو الله تي آسان آهي.
اها تقدير آهي جو دُنيا ۾ انسان سان جيڪو ڪجھ ٿيڻ وارو هو ۽ انسان جيڪو ڪجھ ڪرڻ وارو هو، الله پاڪ سڀ ڪجھ پنهنجي عِلمِ حقيقي سان ڄاڻي تَقدِير ۾ لکي ڇڏيو، هن تقدير تي ايمان رکڻ جو فائدو ڇا ٿيندو آهي؟ هن کان اڳئين آيت ۾ هن جي حڪمت بيان ڪئي، ارشاد ٿئي ٿو: