Book Name:Wabae Amraz or islam
هڪ اسلامي ڀاء جو بيان آهي: مان بُري اخلاق جو مالڪ ۽ شراب جهڙي ناپاڪ شيء پيئڻ جو عادي هيس، شراب جي محفل سجائڻ ۽ بيهوده ۽ فضول ڪمن ۾ پنهنجو وقت ضايع ڪرڻ منهنجي پسنديده ڪمن ۾ شامل هو۔ دعوتِ اسلامي جي دِيني ماحول سان وابسته ٿيڻ جو واقعو ڪجھ هن طرح آهي ته منهنجي سؤٽ هڪ ڀيري مون کي هفتيوار اجتماع جي دعوت ڏني۔ مون شرڪت ڪرڻ جو اقرار ڪيو، اجتماع گاھ ۾ رُوح پرور منظر ڏٺو، بيان ٻڌو، مبلغِ دعوتِ اسلامي جي بيان مون کي منهنجا گناھ ياد ڏياريا، اجتماع جي اختتام تي دُعا ۾ شرڪاء جو ٻاڏائي الله پاڪ کان مغفرت جي خيرات طلب ڪرڻ ۽ خوفِ خدا ۾ روئڻ وارن جو روئڻ ٻاڏائڻ ٻڌي منهنجي پٿر دل به نرم ٿي وئي ۽ منهنجي اکين مان به لڙڪ وهڻ لڳا، سچي توبه ڪئي ۽ سنّتن ڀري زندگي شروع ڪرڻ جو اِرادو ڪيو ۽ دِيني ماحول سان وابسته ٿي ويس، هن ديني ماحول جي برڪت سان جتي بيشمار ديني معلومات سان واقف ٿيس اتي دنياوي طور تي به فائدا مليا۔ مان گوڏن جي انتهائي سخت درد ۾ مبتلا هئس، مان گھڻو پريشان هئس، ان تڪليف سان نجات ۽ سڪون جو ساھ کڻڻ جي لاءِ ڪافي علاج به ڪرائي چڪو هئس ۽ رُوحاني علاج جو به سلسله جاري رهيو، الحمد لله! ڪجھ ئي ڏينهن ۾ درد کان ڇوٽڪارو ملي ويو۔
ترا شکر مولا دیا دینی ماحول نہ چھوٹے کبھی بھی خدا دینی ماحول
شفائیں ملیں گی، بلائیں ٹلیں گی یقیناً ہے برکت بھرا دینی ماحول
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شَهنشاھ نُبُوتصَلَّي اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي