Wabae Amraz or islam

Book Name:Wabae Amraz or islam

جب فرشتہ موت کا چھا جائے گا                           پھر بچا کوئی نہ تجھ کو پائے گا

کر لے توبہ رَبّ کی رَحْمت ہے بڑی                     قبر میں ورنہ سزا ہو گی کڑی

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقانِ رسول! قرآني آيتن، حديثن مان معلوم ٿيو ته موت کان پري ڀڄڻ ممڪن ناهي، تنهنڪري وبائون ڦهلجن، طاعُون اچي، ڪرُونا دُنيا ۾ تباهي مچائي ته احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ، SOPs ( سماجي فاصلي) تي عمل ڪرڻ پنهنجي هنڌ درست آهي البت وبائن کان ڊڄي علائقو ڇڏي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪرڻ هڪ مسلمان جي عقيدي جي به خلاف آهي ۽ عقل جي به خلاف آهي۔

وبائن جي باري ۾ اسلامي تعليمات

انسانن ۾ موجود جيتريون بيماريون آهن، بنيادي طور تي انهن جا 3 قسم آهن:

(1): اهي بيماريون جيڪي اسان جي جسم ۾ ئي پيدا ٿين ٿيون ۽ اسان تائين ئي محدود رهن ٿيون، جيئن: ٽائيفائڊ (Typhoid)، شوگر، دِل جون بيماريون وغيره۔

(2): ٻي قسم جون بيماريون اهي آهن جن کي اِنجِيڪٽِو (Injective)، بيماريون چيو ويندو آهي، اهڙيون بيماريون عام طور تي اسان جي جسم ۾ پيدا نٿيون ٿين بلڪ ڪٿان کان انهن جا جراثيم اسان تائين پهچن ٿا البت انهن جراثيم کان فَضَا آلود ناهي ٿيندي، اهي بيماريون هڪ شخص کان ٻي شخص ڏانهن رت وغيره جي ذريعي منتقل ٿينديون آهن، جيئن: هيپاٽائٽس، اَيڊز (Aids)، وَغيره۔

(3): ٽي قسم جون بيماريون اهي آهن جن کي وبائي بيماريون چيو ويندو آهي، اهي اَصل ۾ جراثيم (Germs)، هوندا آهن جيڪي فضا کي آلود ڪري ڇڏيندا آهن، پوءِ ان فضا ۾ ساھ کڻڻ واري هر شخص کي اهو مرض لڳڻ ممڪن ٿيندو