Book Name:Wabae Amraz or islam
الله پاڪ اسان سڀني کي عاجزي ۽ انڪساري نصيب فرمائي، اٰمِين بِجَاه النَّبِي الاَمِين صَلَّي الله ُعَلَيه وَسَلَّم.
جيڪڏهن خدانخواسته وبائون ڦهلجن ته اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ اچو! هن باري ۾ ڪجھ مدني گل ٻڌون ٿا۔
وَبَائون اچڻ جو هڪ وڏو سبب گُنَاھ به آهن، الله پاڪ قرآنِ مجيد ۾ ارشاد فرمائي ٿو:
وَ مَاۤ اَصَابَكُمْ مِّنْ مُّصِیْبَةٍ فَبِمَا كَسَبَتْ (پاره25، سورۃالشوري:30)
ترجموڪنز الايمان: ۽ توهان کي جيڪا به مصيبت پهتي اها ان سبب آهي جيڪو توهان جي هٿن ڪمايو
الله اڪبر! هن موقعي تي به الله پاڪ جي رَحمَت ڏسو! ارشاد ٿئي ٿو:
وَ یَعْفُوْا عَنْ كَثِیْرٍؕ(۳۰) (پاره25،سورۃالشوري:30)
ترجمو ڪنز الايمان: ۽ اهو گهڻو ڪجھ ته معاف فرمائيندو آهي.
سيپاري 14، سورة النحل، آيت:61 ۾ اِرشاد ٿئي ٿو:
وَ لَوْ یُؤَاخِذُ اللّٰهُ النَّاسَ بِظُلْمِهِمْ مَّا تَرَكَ عَلَیْهَا مِنْ دَآبَّةٍ (پاره14،سورۃالنحل:61)
ترجمو ڪنزالايمان: جيڪڏهن الله ماڻهن کي انهن جي ظلم تي پڪڙ ڪري ها ته نه ڇڏي ها زمين تي چرندڙ شيءِ
اي عاشقانِ رسول! تَوبَه ۽ استغفار عِبَادت آهي، اسان کي گھرجي ته هر حال ۾ الله پاڪ کان مُعَافِي گھرون، توبه ڪيون ۽ جيڪڏهن خدانخواسته