Book Name:Wabae Amraz or islam
وَ مَا تَشَآءُوْنَ اِلَّاۤ اَنْ یَّشَآءَ اللّٰهُ رَبُّ الْعٰلَمِیْنَ۠(۲۹)
ترجموڪنزالايمان: ۽ توهان ڇا گهرندؤ مگر هي ته الله سموري جهانن جو ربّ گهري.
(پاره 30، سوره تڪوير، آيت:29)
ڪير آهي جيڪو مال دار ٿيڻ نٿو چاهي؟ ڇا هر هڪ مال دار ٿي ويندو آهي؟ ناهي ٿيندو، مال دار اهو ئي ٿيندو آهي جنهن کي الله مالدار ڪندو آهي ، ڪير آهي جيڪو هميشه هن دُنيا ۾ رهڻ جي خواهش نٿو رکي؟ ڇا ڪو هميشه هن دُنيا ۾ رهي ٿو؟ نٿو رهي، نه چاهيندي به رُوح ملائڪن جي حوالي ڪرڻو ئي پوي ٿو، جان ڏيڻي ئي پوي ٿي، دُنيا مان لاڏاڻو، قبر ۾ لهڻو ئي پوي ٿو۔
اَجَل نے کِسْریٰ ہی چھوڑا، نہ دارا اسی سے سکندر سا فاتح بھی ہارا
ہر اِک لے کے کیا کیا نہ حسرت سدھارا پڑا رِہ گیا سب یوں ہی ٹھاٹھ سارا
جگہ جی لگانے کی دُنیا نہیں ہے یہ عبرت کی جا ہے تماشا نہیں ہے
جڏهن هن دُنيا ۾ انسان به پُوري طرح پنهنجي مرضي جو مالِڪ ناهي ته ننڍا ننڍا جراثيم پنهنجي ارادي ۽ مرضي سان ڪنهن کي بيمار ڪرڻ جي صلاحيت ڪيئن ٿا رکي سگھن؟
الحمدلله! اسان مسلمان آهيون، اسان جو اِيمان آهي ته الله پاڪ عملن ۾ انسان کي اختيار ضرور ڏنو آهي پر نِظَامِ ڪائنات ۾ انسان جو اختيار نه آهي، اها دُنيا الله پاڪ جي مرضِي سان هلي رهي آهي، اسان راھ جي چونڊ ڪريون ٿا، پر ان راھ تي هلڻ، ان کي پار ڪرڻ، منزل تائين پهچڻ جي طاقت الله پاڪ ڏي ٿو، اسان کي بيماري لڳڻي آهي يا ناهي لڳڻي، اها الله پاڪ جي ارادي تي مَوقُوف آهي، دوا کائڻ، نه کائڻ اسان جي اختيار ۾ آهي پر ان دوا کي شفا جو ذريعو بنائڻ، نه بنائڻ الله پاڪ جي قبضي ۽ اختيار ۾ آهي، الله پاڪ جي پياري نبي حضرت اِبرَاهيم عَلَيۡهِ السَّلام ڪافِرن جي سامهون توحيد جو اِعلان ڪيو ۽ انهن کي الله پاڪ جو تَعَارُف ڪرائيندي فرمايائون: منهنجو رَبّ جنهن جي مان