Book Name:Wabae Amraz or islam
مسلمانن جي خير خواهي ڪئي۔
لاڪ ڊاؤن جي دوران اَلحَمدُلله لکين ماڻهو ۾ رقم (Cash) ۽ خوراڪ (کائڻ پيئڻ جو ضروري سامان) ورهايو ويو، جنهن جي مجموعي ماليت ڪروڙين روپيا بڻجي ٿي۔ ٿيليسميا ۽ ٻين مرضن ۾ مبتلا ماڻهن جي مدد جي لاءِ هينئر تائين هزارين رت جون بوتلون (Blood Bags) مختلف ادارن کي فراهم ڪيون ويون آهن ۽ ٿيليسميا فري پاڪستان (Thalassemia Free Pakistan) تي ڪم جاري آهي۔
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هفتيوار اجتماع
اي عاشقانِ رسول! اوهان جي دعوتِ اسلامي صِرف مشڪل حالتن ۾ ئي ڪم نٿي ڪري بلڪ سڄو سال ئي دِيني ڪمن ۾ مَصرُوف رهي ٿي، مشڪل اچي ته ماڻهن جي خدمت ڪري ٿي ۽ عام حالتن ۾ نيڪي جي دَعوَت ڏئي مسجدون آباد ڪري ٿي، سُنَّتن جو پيغام عام ڪري ٿي ۽ ماڻهن کي دِين جي ويجھو آڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿي۔ اوهان به دعوتِ اسلامي جي دِيني ماحول سان وابسته ٿي دِين جي خدمت ڪريو، سنتون سکو، عِلمِ دين سکو، پاڻ عَمَل ڪريو ۽ 12 ديني ڪمن ۾ عملي طور تي حِصو وٺي سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اِصلاح جي ڪوشش ۾ مَصرُوف ٿي وڃو۔
12 ديني ڪمن ۾ هڪ ڪم هفتيوار اجتماع به آهي، جنهن ۾ اوهان هن وقت شريڪ آهيو، اوهان تلاوت ۽ نعت ٻُڌي، هاڻي بيان جو سلسلو جاري آهي، ان کان پوءِ هفتيوار اجتماع ۾ پڙھايا ويندڙ مخصوص دُرودِ پاڪ پڙھايا ويندا، ذِڪر ۽ دُعا ٿيندي، پوءِ اِن شَآءَ الله! سکڻ سيکارڻ جا حلقا لڳندا ۽ اهڙي طرح علمي ۽ رُوحاني فَضا قائِم رهندي، الله پاڪ چاهيو ته گُنَاهن سان نفرت ۽ نيڪين جي رغبت وڌندي، نيت ڪريو ته هر هفتيوار اجتماع ۾ پاڻ به شرڪت ڪنداسين ۽ ٻين کي به دعوت ڏئي گڏ وٺي اچڻ جي ڪوشش ڪنداسين۔ اِن شَآءَ الله!