Wabae Amraz or islam

Book Name:Wabae Amraz or islam

آخري نبي رسولِ هاشِمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: طاعُون هڪ عذاب هو، جيڪو بني اسرائيل تي موڪليو ويو، جڏهن توهان ٻڌو ته فلاڻي آبادي ۾ طاعُون ڦهلجي ويو آهي ته اتي نه وڃو ۽ جيڪڏهن جنهن آبادي ۾ توهان موجود آهيو، اتي طاعُون ڦهلجي وڃي ته اتان نه نڪرو. (بخاری، کتاب: انبیاء، صفحہ:892، حدیث:3473)

هن حديثِ پاڪ جي حوالي سان مشهور مفسِّرِ قرآن، حڪيم الامت، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: طاعُون هڪ مصبت آهي ۽ مصيبت  ۾ ازخود نه وڃڻ گھرجي ۽ جڏهن اچي ته گھٻرائڻ نه گھرجي۔ سيدي اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت، شاھ امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جهڙي طرح طاعُون کان ڀڄڻ حرام آهي، اهڙي طرح اتي (يعني طاعُون واري هنڌ) وڃڻ به ناجائِز ۽ گُنَاھ آهي، حديثن ۾ انهن ٻنهي کان منع ڪيو ويو آهي، طاعُون واري جڳھ کان ڀڄڻ تَقدِير الٰهي کان ڀڄڻ آهي ۽ طاعُون واري هنڌ وڃڻ ۾ مصيبتِ الٰهي سان مُقابَلو ڪرڻ آهي ۽ اهڙي ڪم ڪرڻ کي تَوَڪل جو نالو ڏيڻ صِرف بيوَقُوفي ۽ جهالت آهي۔ (فتاوی رضویہ، جلد:24، صفحہ:308بتغیر)

بهرحال! وبائون اچن، آفتون اچن ته اسان کي پنهنجو عقيدو مضبوط رکڻو ئي آهي، گڏوگڏ احتياطي تدبيرون پڻ اپنائڻيون آهن۔

وبائون ۽ آفتون ڇو  ٿيون اچن ؟

  پيارا اسلامي ڀائرو! دُنيا ۾ وبائون ڦهلجڻ، آفتون اچڻ جون کوڙ حڪمتون هونديون آهن، ڪيئي ڀيرا آفتن ۽ مصيبتن جي ذريعي ٻانهن جو امتحان ورتو ويندو آهي، جانچيو ويندو آهي ته ڪير صبر ڪري ٿو ۽ ڪير بي صبري ڪري ٿو، ڪير الله پاڪ جي قُدرَت ۽ حڪمت تي يقين رکي ٿو ۽ ڪير عقل جا گھوڙا ڊوڙائي گمراهي جي کڏ ۾ وڃي ڪري ٿو ۔

ڪيئي ڀيرا آفتن ۽ مصيبتن جي ذريعي ٻانهن جا دَرَجات بلند ڪيا ويندا آهن، ڪيئي آفتون خاص طور تي مؤمن ٻانهي جي لاءِ رَحمت جو ذريعو