Book Name:Wabae Amraz or islam
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّيَّةُ الْحَسَنَةُ تُدْخِلُ صَاحِبَهَا الْجَنَّةَ چڱي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔ (بخاری، کِتَاب:بَدءُ الْوَحی، باب:کیف کان بدء الوحی...الخ، صفحہ:65، حدیث:1۔)
اي عاشقانِ رسول! هر نيڪ ۽ جائِز ڪم کان پهريان سٺيون نيتون ڪرڻ گھرجن! هن سان عَمَل جو ثواب وڌي ويندو آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ جون ڪجھ سٺيون نيتون ڪيون ٿا، مان نيتون ڪرايان ٿو، اوهان دِل ۾ ارادو ڏسو ته
اِنْ شَآءَ الله چئي ان جو اظهار ڪريو: * عِلْم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * عِلمِ دين جو ادب ڪندي اَدَب سان ويهندس * بيان جا اَهم نِڪتا (Points) لکي وٺندس * بيان جون جيتريون ڳالهيون ياد رهجي ويون، گھر وڃي گھروارن کي، ٻارن کي، دوست احباب کي ٻڌائي عِلم دِين ڦهلائڻ جو ثواب ڪمائيندس۔
صَلُّو ۡا عَلَي الۡحَبِيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
واسَط عِرَاق جو شهر آهي، هتي داوَرۡدَان نالي، هڪ آبادي هوندي هئي: تمام پُراڻي ڳالھ آهي، هن آبادي ۾ هڪ ڀيرو طاعُون(Plague) جي بيماري ڦهلجي وئي، تمام گهڻا ماڻهو مرڻ لڳا، صُورتِ حال خوفناڪ ٿي وئي، هر هڪ کي موت جو خوف ٿيڻ لڳو، هڪ قول مطابق ان آبادي جي 70 هزار ماڻهن موت جي خوف سان بِستر کڻي، کاڌي پيتي جون شيون ساڻ ڪري ان ڳوٺ کي ڇڏي جبل ڏانهن هليا ويا، الله پاڪ کي انهن جي اها حرڪت بلڪل پسند نه آئي، پوءِ الله پاڪ جي حڪم سان هڪ ملائڪ پُڪاري چيو: مُوْتُوْا سڀئي مري وڃو!
اهو آواز اچڻ سبب 70 جا 70 هزار، بنا ڪنهن بيماري جي يڪدَم هلاڪ ٿي ويا۔ اَٺ ڏينهن تائين انهن جا لاش اتي انهيءَ حالت ۾ پيل رهڻ سبب ڦاٽي پيا، ۽