Book Name:Wabae Amraz or islam
آرام اچي ويو۔ ڪجھ عرصي کان پوءِ ٻيهر پيٽ ۾ سور ٿيو، هاڻي حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلام کي علاج معلوم هو، جهنگ وڃي، اها ئي جڙي ٻُوٽي پٽي کاڌائون پر خُدا جي قُدرت جو هن ڀيري ان جو اَثَر ابتو ٿيو، پهريان سور هليو ويو هو، هاڻي ويتر وڌي ويو۔ تمام گھڻو حيران ٿيا۔ حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلام وري ڪوھ طُور تي حاضِر ٿيا، بارگاھ الٰهي ۾ عرض ڪيائون: موليٰ! مُعَامَلو سمجھ نه آيو، پهريان جڙي ٻوٽي کاڌي ته آرام آيو هو، هاڻي کاڌي آهي ته سور ويتر وڌي ويو آهي، اهو ماجرو ڇا آهي؟ ارشاد ٿيو: مُوسيٰ! پهريان منهنجي حڪم سان ويا هيؤ ته شفا ملي، هاڻي پنهنجي مرضي سان ويا هيؤ ته سور وڌي ويو، اي موسيٰ! ڇا توهان کي خبر ناهي...؟ بيشڪ دُنيا جي هر شيءِ زِهرِ قاتِل آهي، منهنجو نالو آهي جيڪو ان کي شِفَا بڻائي ٿو۔ (تفسیر کبیر، جلد:1، صفحہ:152۔)
سُبحٰنَ الله! اي عاشقانِ رسول! خبر پئي ته مَرض اچڻ به الله پاڪ جي طرفان آهي، شِفا ملڻ به الله پاڪ ئي جي طرفان آهي، لِهٰذا وبائون ڦهلجن، بيماريون اچن ته ڪڏهن به پنهنجي نظرين کي ڪمزور نه ٿيڻ ڏيو! ايمان پختو رکو۔ ها! احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ، SOPs(Standard Operating Procedure) تي عمل ڪرڻ بهر حال لازمي آهي، ڇوته اِحتياط ڪرڻ به الله پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ئي سيکاريو آهي۔
ڪرونا وائِرس تي عوامي رَدِّ عمل
هاڻي جڏهن ڪرُونا وائِرس جي شديد لهر آئي ۽ ان ڪم وبيش سڄي دُنيا کي پنهنجي وڪڙ ۾ گهري ورتو، اخبارن ۾، T.V تي، سوشل ميڊيا تي، ايستائين جو هر شخص جي زبان تي ڪرونا جون خبرون عام هيون، هر پاسي خوف ۽ هراس ڇانئيل هو، هينئر به ڪيئي ملڪن ۾ ان جا اثرات موجود آهن، ڪرونا جي مُعَاملي ۾ ٻن قسمن جي سوچ رکڻ وارا افراد هئا:
(1): ڪجھ ته انتهائي خوف زَدَه ٿي تقريباً گھرن ۾ قيد ئي ٿي ويا هئا، انهن جي