Book Name:Wabae Amraz or islam
طور ڪرُونا (Corona) وغيره جو به آهي۔ (اشعةُ اللَّمْعَات، کتاب:جنائز ، جلد:1، صفحہ:638۔) رسولِ ڪائنات، شهنشاھ موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائن ٿا: طاعُون کان ڀڄڻ وارو ائين آهي جيئن ڪافِرن جي مقابلي ۾ ميدان ڇڏي ڀڄڻ وارو۔ (مسند امام احمد، جلد:10، صفحہ:146، حدیث:25262)
۽ ڪافِرن جي مقابلي ۾ ميدان ڇڏي ڀڄڻ وارو ڪيئن آهي، ان جي باري ۾ سيپاري 9، سورة الانفال، آيت:16 ۾ ارشاد آهي:
فَقَدْ بَآءَ بِغَضَبٍ مِّنَ اللّٰهِ وَ مَاْوٰىهُ جَهَنَّمُؕ-وَ بِئْسَ الْمَصِیْرُ(۱۶) (پاره9،سورۃالانفال:16)
ترجمو ڪنزالايمان؛ پوءِ تحقيق اُهو (ڀڄندڙ) الله جي قهر ۾ موٽيو ۽ اُن جو ٺڪاڻو دوزخ آهي ۽ ڪهڙي نه بُري جاءِ آهي موٽڻ جي.
اي عاشقانِ رسول! مَوت ڪا اهڙي به شيء ناهي جو ڀڄي، ڪٿي لڪي ڪري ان کان پيڇو ڇڏائي سگھجي، موت ته هر هنڌ اچي سگھي ٿو، دُنيا ۾ ڪا به اهڙي جاءِ ناهي جتي لڪي اسان موت کان پناھ وٺي سگھون، جڏهن مُعَامَلو اهڙو آهي ته وبائن جي ڊپ کان ڀڄڻ به عقل مندي ناهي، بيوقوفي آهي، سيپاري 28، سُورَةُ الجُمُعَه، آيت:8 ۾ ارشاد آهي:
قُلْ اِنَّ الْمَوْتَ الَّذِیْ تَفِرُّوْنَ مِنْهُ فَاِنَّهٗ مُلٰقِیْكُمْ (پاره28،سورۃالجمعه:8)
ترجموڪنز الايمان: تون فرماءِ اهو موت جنهن کان توهان ڀڄو ٿا اهو ته ضرور توهان کي ملي رهندو.
اميرِ اهلسنت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادِري رضوي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ غفلت جي ننڊ سمهڻ وارن کي ڄڻ بيدار ڪرڻ جي ڪوشش فرمائي رهيا آهن!
بے وفا دُنیا پہ مت کر اعتبار تُو اچانک موت کا ہو گا شکار