Book Name:Wabae Amraz or islam
هر پاسي بدبُو پکڙجڻ لڳي، آس پاس وارا ماڻهو بدبو جي ڪري پريشان ٿي اتي پهتا ۽ انهن کي دَفن ڪرڻ چاهيو ٿي پر ايترن مُردَن کي دَفن ڪرڻ مشڪل ڪم هو، ان ڪري اُنهن مُردَن جي آس پاس وڏيون ڀتيون ٺاهي ڇڏيون، اهڙي طرح ڪافِي عرصو گذري ويو، لاش بلڪل سَڙي ويا، هڏيون وکري ويون، پوءِ هڪ ڏينهن حضرت حِزقِيل عَلَيۡهِ السَّلام جو اتان کان گذر ٿيو۔
حضرت حِزْقِيل عَلَيۡهِ السَّلام الله پاڪ جا نبي آهن، سندن کي ذُوالڪفل به چيو ويندو آهي، پاڻ حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلام جا ٽيان خليفه آهن. حضرت حِزْقِيل عَلَيۡهِ السَّلام ايتريون ساريون هڏيون وکريل ڏسي غمگين ٿي ويا، دل غم سان ڀرجي آئي، اکين مان لڙڪ اچي ويا، ڏک جي هن ڪيفيت ۾ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيائون: الٰهي! انهن کي زِندھ ڪر.
انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلام الحمد لله! وڏي شان وارا آهن، انهن جو الله پاڪ جي بارگاھ ۾ اهو مقام ۽ مرتبو آهي جو انهن جي خواهش تي الله پاڪ پنهنجو قانون بدلي ڇڏيندو آهي، قُدْرت جو قانون آهي ته مُردا قيامت کان پهريان زِندھ ناهن ڪيا ويندا پر قربان وڃجي! حضرت حِزقيل عَلَيۡهِ السَّلام هڪ ٻه نه، 70 هزار مُردن کي قيامت کان پهريان زِندھ ڪرڻ جي آرزو ڪئي ته الله پاڪ وحي موڪلي، فرمايو: اي حِزْقِيل! انهن کي پُڪاريو...!!
واھ! سُبْحٰنَ الله! زِندھ ڪرڻ ۽ مارڻ الله پاڪ جي صفت آهي، الله پاڪ پاڻ اُنهن 70 هزار مُردن کي زِندھ فرمائي ڇڏي ها، ۽ حضرت حِزقِيل عَلَيۡهِ السَّلام جي آرزو تڏهن به پوري ٿي وڃي ها پر الله پاڪ کي اهو ڏيکارڻو هو ته پنهنجي پيارن ٻانهن جي زبان ۾ ايترو اثر رکيل آهي، انهن جو فرمائڻ ئي مُردَا زِندھ ڪرڻ جي لاءِ ڪافِي آهي۔ موالانا رُوم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:
گُفْتَۂِ اُوْ گُفْتَۂِ اَلله بَوَدْ گَرْچِه اَزْ حُلْقُوْمِ عَبْدُالله بَوَدْ