Wabae Amraz or islam

Book Name:Wabae Amraz or islam

پاڪ ڏانهن متوجھ آهيان ته جيئن منهنجي حاجت پُوري ڪئي وڃي۔

(ترمذی، باب(118)، صفحہ:818، حدیث:3578)

صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

(۴):وبا جي وقت وِرد ۽  وظيفا پڙھو

   وبا جي وقت قرآنِ ڪريم جي خوب تِلاوت ڪريو، حديثِ پاڪ ۾ آهي: خَيرُ الدَّوَاءِ القُرآن يعني قرآن بهترين دَوا آهي۔ (جامع صغیر، صفحہ: 245، حدیث:4007) سُورَةُ الفَاتِحَه پڙھو، 100 ڀيرا سُورَةُ الفاتحه پڙھي جيڪا دُعا گھري وڃي، قبول ٿيندي آهي، (جنتی زیور، صفحہ:587) سُورَةُ الدُّخَان پڙھڻ سان مشڪل دور ٿيندي آهي۔ (جنتی زیور، صفحہ:596) سُورَةُ المُزَّمِّل 11 ڀيرا پڙھڻ سان هر مشڪل آسان ٿي ويندي آهي۔ (جنتی زیور، صفحہ:600) سُورَةُ القَارِعَه پڙھڻ سان بلائن سان حِفَاظت ٿيندي آهي۔ (جنتی زیور، صفحہ:603) سُورَةُ النُّوح پڙھو، اها وبائي مرض ڀڄائڻ لاءِ تمام گھڻي فائديمند آهي۔ (کورونا وائرس اور دیگر وبائیں، صفحہ:28)

علاجِ گِرَاں مَایَہ بخشا ہے اُس نے                        کلامِ خُدا ہر مرض کی دَوَا ہے

   دَرُودِپاڪ جي به ڪثرت ڪريو، دَرُودِ پاڪ هر دَرد جي دوا آهي، هر مشڪل جو حل آهي، درود پڙھڻ سان شفَا ملندي آهي، درود پڙھڻ سان غم دُور ٿيندا آهن۔ اهڙي طرح وباء جي ڏينهن ۾ اذان به ڏيو ڇوته هن سان وبائون ڀڄنديون آهن، بهارِ شريعت ۾ آهي: وبا جي زماني ۾ اذان ڏيڻ مستحب (يعني شرعاً پسنديده) آهي۔ (بہار شریعت، جلد:1، حصہ:3، ص466بتغیر)

(۵) ڏُکايل انسانن کي ياد رکو

پيارا اسلامي ڀائرو! پريشان حال جي پريشاني دُور ڪرڻ ثواب جو ڪم آهي، وبائن آفتن جي وقت اهو نيڪ ڪم ڪرڻ بلڪل نه وسارڻ گھرجي، الله جي پياري حبيب، دِلين جي طبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اَللہُ فِیْ عَوْنِ عَبْدِہٖ مَا کَانَ