Wabae Amraz or islam

Book Name:Wabae Amraz or islam

ترجمو: محبوب ٻانهن جو فرمان، فرمانِ الٰهي ئي هوندو آهي، توڙي جو اهي لفظ ٻانهن جي زبان مان ادا ٿيندا آهن. 

الله پاڪ جو حڪم مليو، حضرت حِزقِيل عَلَيۡهِ السَّلام وِکريل هڏين کي پُڪاريو: اي هڏيون! الله پاڪ جي حڪم سان گڏ ٿي وڃو! نبي جو حڪم ٻڌندي ئي تمام هڏيون پنهنجي پنهنجي جسم ۾ ترتيب سان جُڙي ويون، ڍانچا تيار ٿي ويا۔ حضرت حِزقِيل عَلَيۡهِ السَّلام ٻيهر حڪم ڏنو: قُدرَت واري مالڪ ۽ موليٰ جي حڪم سان گوشت ۽ کل پائي وٺو! سڀني ڍانچن تي گوشت ۽ کل چڙھي وئي، جسم تيار ٿي ويا۔ حضرت حِزقِيل عَلَيۡهِ السَّلام جن فرمايو: مُردَه جسمؤ! الله پاڪ جي حڪم سان زِندھ ٿي وڃو! ايترو چوڻ هو جو 70 هزار مُردا الله پاڪ جي حمد ۽ ثنا ڪندي زِندھ ٿي ويا۔

هاڻي اهي سڀئي ماڻهو ٻيهر پنهنجي بستي ۾ آيا ۽ ڪافِي عرصو زِندھ رهيا، انهن کي اَولاد به ٿيو۔ (روح البیان، پارہ:2، البقرہ، تحت الآیۃ:243، جلد:1، صفحہ:382خلاصۃً۔) مُردَا زِندھ ٿيڻ جو اهو عجيب ۽ غريب واقعو سيپاري 2، سُورَةُ البَقَرَۃ، آيت:243  ۾ آهي، ارشاد ٿئي ٿو:

اَلَمْ تَرَ اِلَى الَّذِیْنَ خَرَجُوْا مِنْ دِیَارِهِمْ وَ هُمْ اُلُوْفٌ حَذَرَ الْمَوْتِ۪- فَقَالَ لَهُمُ اللّٰهُ مُوْتُوْا۫- ثُمَّ اَحْیَاهُمْؕ-

                                                                         (پاره2،سورۃالبقرۃ:243)

ترجمو ڪنز الايمان: اي محبُوب! ڇا تو اُنھن کي نه ڏِٺو جيڪِي هزارن جي تعداد ۾ موت جي ڊپ کان پنھنجا گھر ڇڏي نڪتا هُئا ته الله اُنھن کي فرمايو مَرِي وڃو پوءِ اُنهن کي زندھ ڪيائين،

وَبَا کان ڀڄڻ ڪيئن...؟؟

پيارا اسلامي ڀائرو! زِندگي ۽ موت الله پاڪ جي هٿ ۾ آهي، ڪنهن هنڌ وبائون پکڙجن، طاعُون اچي ته انهن کان ڊڄي ڀڄڻ عقل جي به خِلاف آهي ۽ الله پاڪ کي به گھڻو ناپسند آهي۔ طاعُون کان ڊڄي ڀڄڻ کي ته عالم سڳورن گُنَاھ ڪبيره فرمايو آهي ۽ اهو ئي حڪم طاعُون کان عِلاوه ٻين وبائن مثال