Wabae Amraz or islam

Book Name:Wabae Amraz or islam

وبائون ڦهلجن پوءِ ته ڪثرت سان توبه ۽ استغفار ڪرڻ گھرجي، ان جي برڪت سان آفتون ٽري وينديون آهن، حضرت نُوح عَلَيۡهِ السَّلام جي قوم تي هڪ ڀيري سخت ڏڪار آيو ته حضرت نوح عَلَيۡهِ السَّلام انهن کي ان ڏڪار کان نجات جو هڪ بهترين طريقو ٻڌائيندي فرمايائون:

فَقُلْتُ اسْتَغْفِرُوْا رَبَّكُمْؕ-اِنَّهٗ كَانَ غَفَّارًاۙ(۱۰) یُّرْسِلِ السَّمَآءَ عَلَیْكُمْ مِّدْرَارًاۙ(۱۱) وَّ یُمْدِدْكُمْ بِاَمْوَالٍ وَّ بَنِیْنَ وَ یَجْعَلْ لَّكُمْ جَنّٰتٍ وَّ یَجْعَلْ لَّكُمْ اَنْهٰرًاؕ(۱۲)

ترجموڪنز الايمان: پوءِ مون (کين) ته پنهنجي ربّ کان معافي گهرو اهو تمام گهڻو معاف فرمائيندڙ توهان تي وڏڦڙي ۽ تکي بارش موڪليندو. ۽ مال ۽ پُٽن سان توهان جي مدد ڪندو ۽ توهان جي واسطي باغ بنائي ڇڏيندو ۽ توهان جي واسطي  نهرون بنائيندو. (پاره29،سورۃنوح:10تا 12)

مجھے سچی توبہ کی توفیق دے دے
پئے تاجدارِ حرم یاالٰہی!

(2):نماز سان مدد طلب ڪريو

آفتن ۽ مصيبتن جي وقت، مشڪلاتن ۾ نماز جي ذريعي الله پاڪ کان مدد گھرڻ گھرجي ڇوته نماز نجات جو ذريعو آهي، سيپاري 2، سُورَه بَقَرَه، آيت:153 ۾ حڪم آهي:

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوا اسْتَعِیْنُوْا بِالصَّبْرِ وَ الصَّلٰوةِؕ-اِنَّ اللّٰهَ مَعَ الصّٰبِرِیْنَ(۱۵۳)

ترجمو ڪنزالايمان: اي اِيمان وارؤ صبُر ۽ نَماز کان مدد وٺو، بيشڪ الله صبُر وارن سان گڏ آھي..

اي عاشقانِ رسول! مشڪل ۾ نماز جي ذريعي الله پاڪ کان مدد گھرڻ سُنّتِ مصطفيٰ آهي، اسان جي پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي جڏهن به ڪو اهم مُعَاملو پيش ايندو هو ته پاڻ نماز ادا ڪندا هئا، اسان کي به