Wabae Amraz or islam

Book Name:Wabae Amraz or islam

ٻڌائي ٿو ته

کوئی تو ہے جو نظامِ ہستی چلا رہا ہے، وہی خُدا ہے

ڀلا آهي ڪو ان جي سامهون مٿو کڻڻ وارو؟ آهي ڪو ان کان وڌيڪ طاقت ۽ عِزت وارو؟ نمرود بَدبخت، خُدائي جي دعويٰ ڪرڻ وارو بددماغ بادشاھ هزارن جي فوج وٺي الله پاڪ سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪتو هو، الله پاڪ پنهنجي عظيم لشڪرن مان هڪ ننڍڙو لشڪر موڪليو، مڇرن ان جي هزارن جي فوج تي حملو ڪيو، تير ۽ تلوار ڪجھ ڪم نه آيا، ان جا فوجي بيٺي بيٺي ڪرندا رهيا، مڇرن اُنهن جا جسم کائي ڇڏيا، هڏيون خالي رهجي ويون، اهو آهي انسان...!! الله پاڪ ئي جي عطا ڪيل معمولي طاقت تي ڀروسو ڪري تڪبر ڪرڻ وارو بڻجي ويو...!

قُتِلَ الْاِنْسَانُ مَاۤ اَكْفَرَهٗؕ(۱۷) مِنْ اَیِّ شَیْءٍ خَلَقَهٗؕ(۱۸)  (پاره30،سورۃعبس:17-18)

ترجمو ڪنزالايمان:انسان کي مار پوي ڪيڏو نه ناشڪر آهي ان کي ڪهڙي شيءِ مان ٺاهيائين.

[

 الله! الله! جڏهن انسان جو حال اهو آهي ته ان کي غرور ۽ تڪبر ۾ اُونچو اُڏرڻ جي ڪوشش ڪرڻ، وڏيون وڏيون ڳالھيون ڪرڻ، ڍاڙيون هڻڻ ڪٿي ٿو جڳائي؟ صِرف هڪ شيء آهي جيڪا انسان کي جڳائي ٿي ۽ اها آهي عاجزي، انسان جي سڀ کان افضل ۽ اَعليٰ حالت، سجدي ۾ مٿو زمين تي رکي سُبحَانَ رَبِّي الاَعليٰ چوڻ آهي، اسان تي لازِم آهي ته الله پاڪ جي حُضُور مٿو جھڪايون، عاجزي ۽ انڪساري سان زِندگي گذاريون اهائي حقيقي بلندي آهي، حَديثِ پاڪ ۾ ارشاد آهي: ”مَن تَوَاضَعَ لِله رَفَعَه الله“ جيڪو الله پاڪ جي لاءِ عاجزي ڪري ٿو، الله پاڪ ان کي بلندي عطا فرمائي ٿو۔ (شُعَبُ الْاِیْمان، حسن اخلاق کا باب، جلد:6، صفحہ:276، حدیث:8140)