Wabae Amraz or islam

Book Name:Wabae Amraz or islam

آهي، طاعُون ۽ ڪرُونا وائِرس ان جا واضح مثال آهن۔

پيارا اسلامي ڀائرو! بيماري چاهي ڪهڙي به هجي، انساني جسم ئي ۾ پيدا ٿي، جسم ئي تائين محدود رهڻ واري هجي، اِنجِيڪٽو (Injective،(ٻاهران اچڻ واري)) هجي، چاهي وبائي مرض هجي، ان جي باري ۾ 2 ڳالهيون هميشه ياد رکو! نمبر 1: ڪا به بيماري نه ئي ازخود اُڏامي ڪري ٻي کي لڳندي آهي، نه  وري خود پنهنجي ارادي سان انسان کي بيمار ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي۔ نمبر 2: جراثيم (Germs) پاڻ ڪو مرض نه آهي، اها ته الله پاڪ جي ننڍڙي مخلوق آهي، جراثيم انساني صحت جي لاءِ فائديمند به ٿيندا آهن ۽ ڪجھ جراثيم بيمارين جو سبب به بڻجندا آهن، انهن جراثيم جو هٿن جي ذريعي، ساھ جي ذريعي، آلوده فَضَا ۾ ساھ کڻڻ جي ڪري ٻي کي لڳي وڃڻ عام ڳالھ آهي پر اسان جو عقيدو اهو آهي ته جراثيم لڳن به صرف انهن کي ٿا جن جي لاءِ الله پاڪ چاهي ٿو ۽ ڪنهن کي لڳي وڃن ته اَثَر به الله ڪريم جي حڪم ئي سان ڪن ٿا، پاڻ پنهنجي ذات ۾، پنهنجي ارادي سان لڳڻ ۽ انسان کي بيمار ڪرڻ جي صلاحيت جراثيم ۾ به ناهي هوندي ۔ اسان جي پياري نبي، رسولِ هاشِمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو واضح ارشاد آهي: لَاعَدوٰي ڪا بيماري اُڏامي ناهي لڳندي، عرض ڪيو ويو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اسان ڏسون ٿا ته اسان جا اُٺ چڱا ڀلا تندرست هوندا آهن، انهن ۾ هڪ خارش وارو اُٺ اچي ملندو آهي ته سڀئي اُٺ خارش وارا ٿي ويندا آهن۔ ارشاد فرمايائون: فَمَن اَعدَي الاَوَّلَ جيڪڏهن اها ڳالھ آهي ته پوءِ پهرئين اُٺ کي خارش ڪٿان لڳي؟ (بخاری، کتاب: طِبّ، بابُ لَا صَفَر، صفحہ:1447، حدیث:5717خلاصۃً)

يعني جڏهن پهرين کي بيماري الله پاڪ جي ارادي ۽ حڪم سان لڳي آهي ته باقين کي به الله پاڪ جي حڪم ۽ ارادي ئي سان لڳي آهي، دُنيا ۾ ڪو مَرض اهڙو ناهي جيڪو پنهنجي اندر ذاتي اَثَر رکندو هجي۔ جراثيم جو پنهنجي ارادي سان اَثَر ڪرڻ ته رهيو تمام گھڻو پري پر انسان جيڪو اشرف المخلوقات آهي، اهو به پنهنجي هر ارادي کي انجام ڏيڻ جي اهليت نٿو رکي: