Apni islah kesay Karain

Book Name:Apni islah kesay Karain

ٿو ته نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ بُرائي کان منع ڪرڻ جو دروازو بند ٿي وڃي. (تذکرۃالاولیاء، صفحہ:19) يعني هر شخص جيڪڏهن صِرف پنهنجي اِصلاح ۾ لڳي وڃي ۽ پاڻ کي مڪمل طور سُڌارڻ کان پهريان نيڪي جي دعوت بلڪل نه ڏي ته ان صُورت ۾ نيڪي جي دعوت جو ڪم بند ٿي ويندو ۽ اها ئي شيطان جي خواهش آهي ۔

مجھے دے خود کو بھی اور ساری دنیا والوں کو                            سُدھارنے کی تڑپ اور حوصلہ یا ربّ! ([1])

پنهنجي اِصلاح کان غفلت عذاب جي هڪ صُورت آهي

  اي عاشقانِ رسول! اسان کي هر هر گھڙي پنهنجي اِصلاح جي ضرورت آهي، ڪو ڊاڪٽر هجي يا انجينئر، وڪيل هجي يا جج، بادشاھ هجي يا غُلام، امير هجي يا غريب، سيٺ هجي يا مزدور، عالِم هجي يا جاهل، سائنس دان هجي يا دُڪان دار، ڪو ڪنهن به وڏي رُتبي تي هجي، هر هڪ کي هر وقت پنهنجي اِصلاح ۾ مَصرُوف رهڻ ضروري آهي، پنهنجي اِصلاح کان غافِل ٿيڻ عذابِ الٰهي جي هڪ صُورت آهي، سيپاري 28، سُورَة الحَشر، آيت: 19 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ لَا تَكُوْنُوْا كَالَّذِیْنَ نَسُوا اللّٰهَ فَاَنْسٰىهُمْ اَنْفُسَهُمْؕ-اُولٰٓىٕكَ هُمُ الْفٰسِقُوْنَ(۱۹)

ترجمو ڪنز الايمان: ۽ انهن وانگر نه ٿيو جيڪي الله کي وساري ويٺا پوءِ الله انهن کي مصيبت ۾ وڌو جو سندن وجود کين ياد نه رهيا اهي ئي فاسق آهن

افسوس! اسان پاڻ کان غافِل رهي ٻين تي تنقيد ڪرڻ وارا ٿي وياسين۔ خبر ناهي ٻين جا عيب ڳولڻ، ٻين جي ڪردار مان عيب ڪڍڻ اسان ڪٿان کان سکي ورتو آهي، اَلحَمد جي اَلِف کان وٺي وَالنَّاس جي سِين تائين سڄو قرآنِ


 

 



[1]...وسائِلِ بخشش ، صفحہ : 76۔