Book Name:Apni islah kesay Karain
الحمد لله!امير اهلسنت، باني دعوتِ اسلامي دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي مُريدن، طالِبن ۽ مُحِبّن بلڪه سڄي دُنيا جي عاشقانِ رسول کي پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بهترين نسخو ڏنو آهي ۽ اهو آهي: نيڪ اَعمَال جو رسالو ۔ اهو مختصر رِسالو مڪتبة المدينه تان طلب ڪريو، چاهيو ته دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ تان ڊاؤن لوڊ به ڪري سگهو ٿا، بلڪه وڌيڪ آساني چاهيو ٿا ته پنهنجي موبائل ۾ Naik Amaal نالي ايپلي ڪيشن ڊاؤنلوڊ ڪري وٺو، ان کي پڙهو، ان جي مُطَابق زِندگي گذاريو ۽ روزانو پنهنجي عملن جو جائزو وٺو۔ اِنْ شَآءَ الله! گُنَاهن کان بچڻ ۽ نيڪيون ڪرڻ جو ذهن بڻجندو، دِل پاڪيزه ٿيندي ۽ ڪردار سٿرو ۽ خوبصُورت ٿي ويندو۔
ضلعي اٽڪ جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي، مان گُنَاهن ڀري زندگي گذاري رهيو هئس، فلمون ڏسڻ، بدمعاشي ڪرڻ، نمازون قضا ڪرڻ وغيره منهنجي معمولات ۾ شامل هو، هڪ ڀيري اسان جي علائقي ۾ عاشقانِ رسول جو مدني قافلو آيو، اسلامي ڀائر عصر کان پوءِ علاقائي دوري جي لاءِ نڪتا، هڪ اسلامي ڀاءُ مون کي به مغرب جي نماز پڙهڻ ۽ بيان ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، منهنجي خوش نصيبي جو مان انهن سان گڏ مسجد ۾ هليو ويس، مغرب کان پوءِ بيان ٻُڌو ته وڏو لطف آيو، بيان جي آخر ۾ بيان ڪرڻ واري اسلامي ڀاءُ ”نيڪ اعمال“ نالي رسالي جو تعارُف ڪرايو، رسالو ”نيڪ اَعمَال“ ۾ ڏنل نيڪين سان ڀرپور زِندگي گذارڻ جا مدني گل ٻڌي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي، ان رسالي جي صُورت ۾ شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي اِصلاح اُمَّت جي لاءِ جذبو ڏسي مون هٿو هٿ بيعت جي لاءِ نالو ڏئي ڇڏيو ۽ عطاري رنگ ۾ رنڱجي ويس، وقت جي ڪامل ولي سان نسبت ڇا ٿي، دِل گُنَاهن کان بيزار ۽ نيڪين ڏانهن مائل ٿي وئي، مون گُنَاهن کان توبه ڪئي ۽ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول کي دِل ۽ جان سان اپنائي ورتو، ان جي برڪت سان