Book Name:Apni islah kesay Karain
منهنجا اَخلاق سنورجي ويا، منهنجي ان تبديلي جو منهنجي گھر وارن تي به سٺو اَثر ٿيو، الحمدلله! آهسته آهسته سڄو گھر ئي قادري، رضوي، عطاري رنگ ۾ رنڱجي ويو، گھر ۾ نمازن جي پابندي شروع ٿي وئي، فلمون ڊراما، گانا باجا بند ٿي ويا ۽ گھر ۾ گُنَاهن ڀرين چينلز جي بدران مدني چينل هلڻ لڳو۔ (دلوں کا چین، صفحہ:4)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شَهنْشاھ نُبُوتصَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايائون: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الْجنَّة يعني جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي هو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔ (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵)
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
ٻه فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ : (1): اَلصَّلاۃُ نُوْرٌنماز نور آهي. (مُسْلِم، کتاب: طہارت، صفحہ:106، حدیث:223) (2): جيڪو تنهائي ۾ 2 رڪعتون نماز پڙهي ته الله پاڪ ۽ ان جي ملائڪن کان سواءِ ڪوبه نه ڏسي، ان جي لاءِ جهنم کان آزادي لکي ويندي آهي. (کنز العمال، کتاب: الصلاۃ، جلد:4، جُزْ:7، صفحہ:125، حدیث:19015)
اي عاشقانِ رسول! ڪثرت سان نفل نماز پڙهڻ سُنّت آهي۔ مَاشَآءَ الله! اسان جي پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنج نمازن کان عِلاوه * اشراق، چاشت، تحية الوضو، تحية المسجد ۽ اَوّابين جي نماز به پڙهندا هئا. * تهجد جي نماز سڄي عمر پابندي سان پڙهي * راتين جو اٿي ڪري به نماز ادا فرمائيندا هئا. پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نماز عشاء کان پوءِ ڪجھ دير آرام