Apni islah kesay Karain

Book Name:Apni islah kesay Karain

مشهور مفسرِ قرآن، حڪيم الاُمَّت، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ضِد جو عِلاج ڪنهن عالِم وٽ ناهي ۽ وَهم جي دوا ڪنهن طبيب وٽ ناهي، جنهن کي رَهبَر (يعني اِصلاح ڪرڻ واري) جي ذات کان دُشمني هجي اهو ان جي هر ڳالھ جو اِنڪار ئي ڪندو آهي۔

(تفسیر نعیمی، پارہ:1، سورۂ بقرۃ، تحت الآیۃ:6، جلد:1، صفحہ:151بتغیر)

اي عاشقانِ رسول! غلطي مڃڻ بي عِزَّتي ناهي بلڪ عِزَّت جي ڳالھ آهي، مَعصُوم (يعني غلطي کان باڪل پاڪ) صِرف انبياءِ ڪرام عليهم السَّلام ۽ ملائڪ آهن، انهن کان عِلاوه هر اِنسَان کان خطا ٿي سگھي ٿي، البته هدايت هميشه اهو ماڻي ٿو جيڪو پنهنجي غلطي مڃڻ ۽ سنجيدگي سان پنهنجي اِصلاح جي ڪوشش ڪري۔ حديثِ پاڪ ۾ آهي: کُلُّ بَنِیْ آدَمَ خَطَّاءٌ وَ خَیْرُ الْخَطَّائِیْنَ التَّوَّابُّوْنَ  هر انسان کان غلطي ٿيندي آهي، غلطي ڪرڻ وارن ۾ بهترين اهو آهي جيڪو توبه ڪري۔ (ابن ماجہ، کتاب: زُہد، باب:ذِکرِ توبہ،صفحہ:689، حدیث:4251)

پنهنجي غلطي سڃاڻپ جا طريقا

امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: پنهنجي غلطي سڃاڻپ جا 4 طريقا آهن:

(1): پهريون طريقو: اهڙي ڪامِل پِير جا مُريد ٿي وڃو جيڪو نَفس جي عيبن ۽ پوشيده امراض کي خوب ڄاڻندو هجي، پوءِ پيرِ ڪامل جيڪو چوي، ان جي مطابق عمل ڪندا وڃو۔

(2): ٻيو طريقو: سچو ۽ دِين دار دوست تلاش ڪري، ان کي پنهنجو نگران بڻائي وٺو ته جيئن اهو اوهان جي ڪردار تي نظر رکي ۽ خاميون ٻڌائي۔ اَئِمّه دِين ائين ئي ڪندا هئا، امير المؤمنين حضرت عمر فاروق رَضِىَ اللهُ عَنْه جي باري ۾ منقول آهي ته پاڻ حضرت حُذَيفَه بِن يمان رَضِىَ اللهُ عَنْه کان پڇندا هئا: اي حُذَيفَه! اوهان نِفَاق جي عَلامتن جي باري ۾ آقاءِ نامدار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جا راز دار آهيو، ڇا مون ۾ ڪا منافقت جي عَلامت موجود آهي؟