Apni islah kesay Karain

Book Name:Apni islah kesay Karain

تجھ کو رمضان کا واسطہ ہے                               یاخُدا! تجھ سے میری دُعا ہے

ہُوں بَظَاہِر بڑا نیک صُورت                             کر بھی دے مجھ کو اَب نیک سیرت

ظاہِر اچھا ہے باطِن بُرا ہے                              یاخُدا! تجھ سے میری دُعا ہے

عیب دُنیا میں تُو نے چھپائے                           حَشَر میں بھی نہ اب آنچ آئے

آہ! نامہ مرا کھل رہا ہے                                    یاخُدا! تجھ سے میری دُعا ہے

   پيارا اسلامي ڀائرو! اسان پنهنجي اِصلاح جي اهميت ٻُڌي، اُميد آهي ته اِنْ شَآءَ الله! پاڻ کي گُنَاهن کان بچائي نيڪ بڻجڻ جو ذِهن بڻيو هوندو، هاڻي اچو! پنهنجي اِصلاح جا 6 طريقا ٻُڌي انهن تي عَمَل جي ڪوشش ڪرڻ جي نيت ڪيون ٿا۔

(1):پنهنجي ترجيحات بدلي ڇڏيو

 الله پاڪ سيپاري 30 سُورة الاعليٰ آيت: 14 ۾ تزڪيه نفس يعني پنهنجي اصلاح جي فضيلت بيان فرمائي، ارشاد ٿئي ٿو.

قَدْ اَفْلَحَ مَنْ تَزَكّٰىۙ(۱۴)

ترجمو ڪنزالايمان: بيشڪ ڪامياب ٿيو اهو جيڪو پاڪ صاف ٿيو

امام بقاعي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن آيت جي حوالي سان فرمائن ٿا: مطلب هي آهي ته جنهن پاڻ کي برن عقيدن کان پاڪ صاف ڪيو، پاڻ کي بري اخلاق کان پاڪ ڪيو، پنهنجي ذات کي برن فعلن کان پاڪ ڪيو، پنهنجي دل جي صفائي ڪئي، ظاهري عمل درست ڪيا، بيشڪ اهو هر مراد ۾ ڪامياب ٿيو، ان کان  پوءِ الله ڪريم سُورَةُ الاَعلٰي ۾ تزڪيه نفس يعني پنهنجي اِصلاح جي راھ ۾ سڀ کان وڏي جيڪا رُڪاوٽ آهي، ان جو ذِڪر ڪندي فرمايو:

بَلْ تُؤْثِرُوْنَ الْحَیٰوةَ الدُّنْیَا٘ۖ(۱۶) وَ الْاٰخِرَةُ خَیْرٌ وَّ اَبْقٰىؕ(۱۷) (سيپاري:30، سورۃ الاَعْليٰ:16-17)

ترجمو ڪنز الايمان:  بلڪ توهان دنيا جي زندگي کي ترجيح ڏيو ٿا. ۽ آخرت بهتر ۽ باقي رهندڙ آهي.