Apni islah kesay Karain

Book Name:Apni islah kesay Karain

ٻي کي لڳڻ واريون بيماريون آهن، تمام گھٽ ائين ٿيندو آهي جو ڪا سوچ پاڻمرادو اسان جي اندر پيدا ٿئي، عام طور سوچ ٻاهران کان ايندي آهي، اسان جيڪو ٻڌندا آهيون، اهو اسان جي سوچ جو حِصو بڻجي ٿو، جيڪو اسان پڙھون ٿا، جيڪو ڏسون ٿا، جهڙن ماڻهن وٽ ويهون ٿا، اهو سڀ اسان جي سوچ جو حِصو بڻجي ٿو، جيڪڏهن اسان پنهنجي سوچ بدلڻ چاهيون ٿا ته اسان کي سوچ پيدا ٿيڻ جا سبب تبديل ڪرڻا پوندا، مثال طور جيڪو فلمون، ڊراما ڏسي ٿو، اهو انهن جي بدران مدني چينل ڏسڻ شروع ڪري ڇڏي، جيڪو گانا ٻڌي ٿو، اهو گانا ڇڏي نعتون ٻڌڻ، عشقِ رسول سان ڀرپور سُنّتن ڀريا بيان ٻڌڻ شروع ڪري ڇڏي، ناول، ڊائجسٽ، سوشل ميڊيا جي فُضُول يا گُنَاهن ڀريون پَوسٽون ڇڏي دِيني ڪتاب ۽ رسالا پڙھڻ شروع ڪري، دَعوتِ اسلامي جي هڪ ايپلي ڪيشن آهي: Dawat-e-Islami Digital Services (دعوتِ اسلامي ڊيجيٽل سروسز)، هن ۾ دعوتِ اسلامي جا ٺهيل تمام سوشل ميڊيا اڪاؤنٽس شامِل آهن، اها ايپلي ڪيشن پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪري وٺو ۽ ان جي مدد سان دعوتِ اسلامي جي سوشل ميڊيا اڪاؤنٽس تي وڃو، انهن مان سٺيون سٺيون نيڪي جي دَعوت تي مشتمل ويڊيوز، مختلف پوسٽون پاڻ به پڙھو ۽ ٻين کي شيئر به ڪريو۔

اهڙي طرح جيڪڏهن ڪو خدانخواسته بُرن دوستن جي صحبت ۾ رهي ٿو ته پنهنجي صحبت تبديل ڪري، دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري اجتماع ۾ شِرڪت ڪري، مدني قافلن ۾ سَفَر کي پنهنجو معمول بڻائي، هفتيوار مدني مذاڪرو ڏسڻ، امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جو عطا ڪيل هفتيوار رسالو پڙھڻ وغيره دِيني ڪمن جو معمول بڻائي، الله پاڪ چاهيو ته فِڪرِ آخرت نصيب ٿيندي، دُنيا جي مَحبَّت کان جان ڇٽي ويندي، گُنَاهن کان بچڻ ۽ جنَّت ۾ وٺي وڃڻ وارا عمل ڪرڻ جو ذِهن بڻجندو۔ اِنْ شَآءَ الله!

موت کي ياد ڪرڻ سان به سوچ بدلجندي ۽ فِڪرِ آخرت نصيب ٿيندي آهي، هڪ شخص سرڪارِ عالي وقار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي خِدمت ۾