Book Name:Apni islah kesay Karain
حاضِر ٿيو ۽ دِل جي سختي جي شڪايت ڪئي، الله جي حبيب، دلين جي طبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اِطَّلِعْ فِی الْقُبُور فَاعْتَبِرْ بِالنُّشُور قبرون ڏسي آخرت ۾ اٿڻ جي معاملن ۾ غور و فڪر ڪيو! (شُعَبُ الْاِیْمان، جلد:7، صفحہ:16، حدیث:9292)
ٻيو ڪم جيڪو پنهنجي اِصلاح جي لاءِ ڪرڻو آهي اهو آهي: پنهنجي غلطين جي سڃاڻپ۔ خدانخواسته جيڪڏهن اسان کي جسماني مَرَض لڳي وڃي ته اسان ڊاڪٽر وٽ ويندا آهيون، ڊاڪٽر چيڪ اپ ڪندو آهي، بيماري جون علامتون ڏسندو آهي، ضرورت پوڻ تي ٽيسٽ به ڪرائيندو آهي، پوءِ جڏهن بيماري جي اَصل تائين پهچي ويندو آهي ته دواء (Medicine) ڏيڻ شروع ڪندو آهي، اهو ئي حال رُوحاني بيمارين جو به آهي، جيستائين پنهنجي غلطين جي سڃاڻپ نه ٿئي، ان وقت تائين اِصلاح ٿيڻ نَاممڪن آهي۔
ياد رکو! خوش فهمي زهرِ قاتِل آهي، جيڪو ٻانهو پاڻ کي نيڪ سمجھي ٿو، اهو ڀلا پنهنجي اِصلاح تي توجھ ڪيئن ڏيندو؟ ٻانهو جنهن وقت پاڻ کي نيڪ سمجھڻ لڳي، انهيء وقت کان ان جي هلاڪت جي ابتداء ٿي ويندي آهي۔ اُمُّ المؤمنين، حضرت عائشه صديقه، طيبه، طاهره رَضِیَ اللهُ عَنْهَا کان سُوال ٿيو: انسان گنھگار ڪڏهن ٿيندو آهي؟ فرمايائون: جڏهن اهو پاڻ کي نيڪ سمجھڻ لڳي۔
(آنسوؤں کا دریا، صفحہ:268)
حضرت مالِڪ بِن دينار رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي هڪ ڏينهن ڪنهن آواز ڏنو: ”اي رِياڪار!“ ان جڳھ تي جيڪڏهن اسان هجون ها ته شايد ان جي زبان ڇڪي وٺون ها پر حضرت مالِڪ بن دينار رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عاجزي ڏسو! پاڻ مڙي پوئتي ڏٺو ۽ فرمايائون: 20 سالن کان ڪنهن منهنجو اَصل نالو وٺي نه پڪاريو هو، شاباش! توهان چڱي طرح سڃاڻي ورتو آهي ته مان ڪير آهيان؟
(تذکرۃ الاولیاء، صفحہ:34)
الله! الله! اسان جا بزرگ سڳورا چڱا ٿي به پاڻ کي بُرو سمجھندا هئا پر اسان