Book Name:Apni islah kesay Karain
آهيون جو بُرا ٿي ڪري به پاڻ کي چڱو سمجھون ٿا۔
اي عاشقانِ رسول! دُنيا ۾ ته زبان هلائي، حيلا بهانا ڪري، اُبتا سبتا دليل ڏئي، وڏي عُمر، طاقت، منصب وغيره جو رُعب ڏيکاري اسان سامهون واري کي چُپ ڪرائي سگھون ٿا، پاڻ کي تسلي ڏئي سگھون ٿا پر قيامت جي ڏينهن ائين نه ٿي سگھندو، افسوس! قيامت جي ڏينهن مجرمن جي وات تي مهر لڳائي ويندي ۽ اسان جا پنهنجا ئي عضوا اسان جي خلاف شاهدي ڏئي رهيا هوندا، ان وقت اسان جي زبان درازي، طاقت ۽ منصب ڪجھ ڪم نه ايندو۔
آج بنتا ہوں معزز جو کھلے حَشَر میں عیب
آہ! رُسوائی کی آفت میں پھنسوں گا یارَبّ! ([1])
يقين مڃو! ضِد ۽ هٺ ڌرمي انتهائي خطرناڪ بيماري آهي، جيڪو غلطي ٻڌائڻ واري جي ڳالھ ٻڌي انصاف سان پنهنجي ڪردار تي غور نٿو ڪري، اهو ڪڏهن پنهنجي اِصلاح نٿو ڪري سگھي۔ ٿورو غور ته ڪريو! ابوجهل، عُتبَه ۽ شَيبه جهڙا بد ترين ڪافر جاهليت واري زماني ۾ ڪيئن عِزت دار سمجھيا ويندا هئا، انهن پنهنجي اکين سان معجزا ڏٺا، پٿرن کي ڪلمو پڙھندي ڏٺو، وڻن کي سجدو ڪندي ڏٺو، چنڊ ٻه ٽڪرا ٿيندي ڏٺو، پر افسوس! بدبختي، انهن بدانجامن ضِد ۽ هٺ ڌرمي جي راھ اختيار ڪئي، آخر الله پاڪ انهن جي دلين تي مهر لڳائي ڇڏي آهي ۽ اهي ڪفر ئي جي حالت تي ۾ مَري جهنّم جو ٻاڙڻ بڻجي ويا۔ سيپاري:1، سورۃ البقرۃ، آيت:7 ۾ انهن اَزَلي ڪافِرن جي باري ۾ ارشاد ٿئي ٿو:
ترجمو ڪنز الايمان: الله انهن جي دلين تي ۽ ڪنن تي مهر هنئي آهي ۽ انهن جي اکين تي ڳوڙهو پردو آهي ۽ انهن لاءِ وڏو عذاب آهي.