Apni islah kesay Karain

Book Name:Apni islah kesay Karain

مَعلوم ٿيو جيڪو شخص دُنيا کي آخرت تي ترجيح ڏئي ٿو، اهو ڪڏهن به پنهنجي اِصلاح نٿو ڪري سگھي، تنهنڪري جيڪڏهن اسان پنهنجي ترجيحات بدلي صِرف آخرت کي پنهنجي خواهشن جو مرڪز بڻايون ته اِنْ شَآءَ الله! آساني سان پنهنجي اِصلاح ۾ ڪامياب ٿي سگھون ٿا۔ ٿورو اندازو لڳايو! جنهن تي صرف الله پاڪ جي رِضا حاصِل ڪرڻ جي ڌُن سُوار هجي ڇا اهو فرض نمازون قضا ڪندو؟ ڇا اهو فرض روزا رکڻ کان گھٻرائيندو؟ ڇا اهو ڪنهن کي تڪليف ڏيندو؟ ڇا اهڙو شخص ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي گُنَاھ ڪندو؟ ڇا اهڙو انسان حَسَد، تڪبر، بدگماني، غيبت ، چغلي وغيره جي ويجھو به ويندو؟ ڪڏهن به نه ويندو۔ خبر پئي ته جيڪو پنهنجي اِصلاح جي خواهش رکي ٿو جيڪڏهن اهو پنهنجي دل ۽ دماغ کي صرف ۽ صرف آخرت جي باري ۾ سوچڻ ۾ لڳائي ڇڏي ته اِنْ شَآءَ الله! تمام جلد پنهنجي اصلاح ۾ ڪامياب ٿي ويندو۔

اسان جي پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جن فرمايو: لَایُؤْمِنُ اَحَدُکُمْ حَتّٰی یَکُوْنَ ہَوَاہُ تَبِعًا لِمَا جِئْتُ بِہٖ  توهان مان ڪو به ان وقت تائين مؤمن نٿو ٿي سگھي جيستائين ان جون خواهشون منهنجي آندل دِين جي تابع نه ٿي وڃن۔ (جَمْعُ الْجَوَامِع، جلد:8، صفحہ:324، حدیث:26624)

عَلَّامه اِبنِ رَجَب حنبلي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديثِ پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: هر مؤمن تي لازِم آهي ته جنهن ڪم جي ڪرڻ کي الله پاڪ پسند فرمائي ٿو، ان ڪم سان اهڙي مَحبَّت ڪري جو اها مَحبَّت ان کي اهو ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪري ۽ جنهن ڪم کي الله پاڪ ناپسند ڪيو آهي، ان کان اهڙي نفرت ڪري جو اها نَفرت ئي ان کي اهو ڪم ڪرڻ کان باز رکي۔

(جامعُ علوم وحکم، صفحہ:397، حدیث:41)

ترجيحات بدلڻ جا طريقا

ياد رکو! روحاني بيماريون مثال طور غفلت، نيڪين ۾ سستي، گُنَاهن جي رغبت، دُنيا جي محبت وغيره اهي سڀئي عام طور وچڙندڙ يعني هڪ کان