Apni islah kesay Karain

Book Name:Apni islah kesay Karain

الله! الله! اي عاشقانِ رسول! ڏٺو اوهان! امير المؤمنين، حضرت عمر فاروق رَضِىَ اللهُ عَنْه ايتري بلند رُتبي وارا هئڻ جي باوُجود پنهنجي باري ۾ ڪيتري عاجزِي فرمائيندا هئا. اسان کي گھرجي ته اسان به هن مان دَرس حاصل ڪريون ۽ ڪنهن سلجھيل، دين دار، آخرت جي رغبت رکڻ واري دوست کي پاڻ تي نگران بڻايون ۽ ان کان پنهنجا عيب پڇندا رهون۔

(3): ٽيون طريقو: دُشمن عام طور عيب ڳولڻ ۾ لڳل رهندا آهن، تنهنڪري چاپلوسي ڪرڻ وارن دوستن کان بچو ۽ دُشمنن جي زباني پنهنجا عيب مَعلُوم ڪري پنهنجي اِصلاح ڪريو۔

(4):چوٿون طريقو: مؤمن، مؤمن جو آئينو هوندو آهي، ٻانهو ٻين جي عيبن جي ذريعي پنهنجا عيب ڏسندو آهي، لهٰذا ماڻهن سان ملي جُلي رهو ۽ اُنهن ۾ جيڪي عيب ڏسو، انهن کي پنهنجي اندر تلاش ڪريو۔ حضرت عيسيٰ رُوْحُ الله عَلَيه السَّلام کان پڇيو ويو: اوهان کي اَدَب ڪنهن سيکاريو؟ فرمايائون: مون کي ڪنهن اَدَب ناهي سکاريو، بَس مون کي جاهل جي جهالت بُري معلوم ٿي ته مون پاڻ کي ان کان بچائي ورتو۔ (احیاء العلوم،کتاب:ریاضتِ نفس،جلد:3، صفحہ:81)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

(3-4-5): مُعَاهدَو، مُرَاقَبَو، مُحَاسَبَو

جيڪو پنهنجي اِصلاح چاهي ٿو، ان کي گھرجي ته روزانو جا 3 ڪم پاڻ تي لازِم ڪري وٺي:

(1): مُعَاهدو: صبح اُٿي ڪجھ دير قبر ۽ آخرت کي ياد ڪري، پوءِ پنهنجي پاڻ سان وَعدو ڪري ته اڄ جي ڏينهن اک، ڪن، زبان ۽ تمام عضوئن کي گُنَاهن کان بچائي نيڪين ۾ گذاريندس، پنج ئي نمازون باجماعت پڙھندس، ڪنهن کي تڪليف نه پهچائيندس، هيترو علم سکندس، هيترين سُنَّتن تي عَمَل