Book Name:Apni islah kesay Karain
ڪندس، هيترو ذِڪر ڪندس، هيتري تلاوت ڪندس، هيترو درود شريف پڙھندس، اذان جو جواب ڏيندس وغيره، پوءِ سچي دِل سان الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دُعا ڪري ۽ استقامت جي توفيق گھري۔
(2):مُرَاقَبَو: پوءِ سڄو ڏينهن مُرَاقَبي ۾ گذاري۔ مُرَاقَبَي جي معني آهي: نگراني ڪرڻ۔ CC.TV ڪيمره جيڪا عام طور دُڪانن، وڏن وڏن شاپنگ مالز وغيره ۾ لڳل هوندي آهي، ان کي عربي ۾ مُرَاقِب (يعني نگران) چوندا آهن۔ جهڙي طرح ان ڪيمري جي ذريعي هر هر لمحي، هڪ هڪ شيء جي نگراني ڪئي ويندي آهي، اهڙي طرح ٻانهو سڄو ڏينهن پنهنجي نگراني ڪري، پنهنجي هر عَمَل کان پهريان سوچي ته ڇا اهو ڪم منهنجي ڪيل وعدي جي مطابق آهي يا مخالف آهي؟ امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: روايت آهي ته ٻانهي جو عمل چاهي ڪيترو ئي ننڍو ڇو نه هجي، قيامت جي ڏينهن ان جي باري ۾ 3 سُوال ڪيا ويندا: * عَمَل ڇو ڪيو؟ يعني الله پاڪ جو حڪم سمجھي ڪيو يا نفس جي پيروي ۾ ڪيو؟ * عَمَل ڪيئن ڪيو؟ يعني اهو ڪم ڪرڻ جو جيڪو طريقو، شرط ۽ اصول شريعت ٻڌايا هئا، ان جي مطابق ڪيو يا نه؟ * ٽيون سُوال اِخلاص جي باري ۾ ٿيندو اهو عمل ڪنهن جي لاءِ ڪيو؟ الله پاڪ جي رضا جي لاءِ ڪيو يا ٻانهن کي ڏيکارڻ جي لاءِ يا غفلت ۾ يا دُنياوي نعمتن جي لاءِ؟ (احیاء العلوم،کتاب: مراقبہ ومحاسبہ، جلد:4، صفحہ:484ملخصًا)
انسان کي گھرجي ته سڄو ڏينهن پنهنجي هر ڪم جي باري ۾ اهي 3 سُوال ڪندو رهي ۽ قيامت جي ڏينهن حساب کان پهريان پنهنجو حساب ڪري. امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڌيڪ فرمائن ٿا: جيڪو پاڻ مُرَاقَبي جي صلاحيت نٿو رکي، ان کي گھرجي ته سچي، دين دار عُلَماءِ اَهلِ سُنَّت کان رهنمائي وٺندو رهي۔ (احیاء العلوم،کتاب: مراقبہ ومحاسبہ، جلد:4، صفحہ:485)
(3):مُحَاسَبو: سڄو ڏينهن مراقبي جي حالت ۾ گذارڻ کان پوءِ هاڻي جيڪو ٽيون ۽ آخري ڪم ڪرڻو آهي، اهو آهي: مُحَاسبو. يعني انسان سڄي ڏينهن