Apni islah kesay Karain

Book Name:Apni islah kesay Karain

رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:

جاگ بِنَا دُدھ جَمْدَے ناہیں بَاھُو                             بھانویں لال ہُوَنْ کَڑھ کَڑھ کے ھُو

 جاگ: يعني ڏَهي بنائڻ جي لاءِ کير ۾ لَسِّي يا دَهي وجھڻ، مطلب اهو آهي ته کير کي گرم ڪندا رهو، گرم ڪندا رهو، پچي ڳاڙهو ٿي وڃي، پوءِ به ان کير جي ڏهي نٿي بڻجي سگھي، ڏهي بنائڻ جي لاءِ جهاڳ لڳائڻي پوندي آهي، اهڙي طرح ٻانهو ڪوشش ڪندو رهي، ڪندو رهي، پوءِ به نَفس ۽ شيطان جي مَڪارين کان بچي پنهنجي اِصلاح ۾ ڪامياب نٿو ٿي سگهي، جيستائين اهو پنهنجو هٿ ڪنهن ڪامِل جي هٿ ۾ نه ڏي۔

          حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلرَّفِیْقُ قَبْلَ الطَّرِیْق يعني پهريان هم سَفَر تلاش ڪيو پوءِ سَفَر ڪيو! (معجم کبیر، جلد:3صفحہ:143، حدیث:4257) شيخ سلطان باهو رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پير جي ضَرورت ۽ ان جا وصف بيان ڪندي فرمائن ٿا: مُرشِد پارس پٿر جيان آهي (پارس پٿر هڪ خاص قسم جو پٿر آهي، چون ٿا ته: جيڪا شيء ان پٿر کان لڳي وڃي اها سون بڻجي ويندي آهي، پِير به ان پٿر جيان هوندو آهي ڇوته هڪ عام انسان کي پنهنجي نِگَاھ سان بلند رُتبو ڏيندو ۽ انمول بڻائيندو آهي)، سلطان باهو رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڌيڪ فرمائن ٿا: پير جي نظر سج جيان هوندي آهي جيڪا بُري عادتن کي چڱي عادتن ۾ تبديل ڪري ڇڏيندي آهي، مُرشِد اَخلاقِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان مُتَّصِف هوندو آهي، ماءُ پيءُ کان وڌيڪ مهربان هوندو آهي، الله پاڪ جي راھ ٻڌائڻ وارو، بهترين رهنما، منزل تائين پهچائڻ وارو، بند راھ کولڻ وارو، دُنيا ۽ مال ۽ دولت کان بي پرواھ، لالچ کان پاڪ ۽ طالِبِ حق کي دِل ۽  جان سان عزيز رکڻ وارو هوندو آهي۔  مُرشِد اهو آهي ته  یُحْیِ الْقَلْبَ وَیُمِیْتُ النَّفْسَ جيڪو نَفسِ اَمَّاره کي ماري دِل کي زِندھ ڪري ڇڏيندو آهي۔